Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ رئيس وڏي ۽ انور مجيد آرائين جون شگرملز ئي ڪافي آهن، هاڻي ٻيو ڪير به شگرملز نه لڳائي سگهندو

Nasir Shah sukuuer

سنڌ ڪابينا صوبي ۾ نئين شُگر مل لڳائڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت کان سنڌ ۾ لڳل ننڍي سطح وارن پاور پلانٽن جي بجليءَ جا اگهه طئي ڪرڻ جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ شگر ملز واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ صنعتن واري کاتي پاران بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ شگر ملز موجود آهن، جڏهن ته ڪمند جي پيداوار سبب پاڻيءَ جي کوٽ سميت ٻيا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، اُن ڪري سنڌ ۾ آئنده نئين شگر مل لڳائڻ تي پابندي لڳائي وڃي ۽ نئين شگر مل لاءِ اين او سي جاري نه ڪئي وڃي.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهو به معاملو اٿاريو ويو ته صوبي ۾ ننڍي سطح تي بجلي پيدا ڪندڙ بجلي جي ڪارخانن جي بجليءَ جا اگهه نيپرا پاران طئي نه ڪرڻ سبب انهن جي بجلي قومي گرڊ ۾ شامل نه ٿي رهي آهي ۽ اُن حوالي سان سنڌ اسيمبلي هڪ ٺهراءُ به منظور ڪري چڪي آهي، اُن ڪري وفاقي حڪومت کي سفارش ڪئي ويندي ته اُنهن ننڍن بجلي گهرن مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ جا اگهه طئي ڪيا وڃن ته جيئن لوڊشيڊنگ کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ روينيو بورڊ خدمتن تي جي ايس ٽي وصول ڪرڻ جو 78 ارب رپين وارو هدف حاصل ڪيو آهي، جنهن تي وڏي وزير سنڌ روينيو بورڊ کي شاباس ڏني. اجلاس ۾ ڪراچي جي پاڻي واري ميگا منصوبي ڪي فور تي پڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اُن لاءِ 5 ارب رپين جي لاڳت سان 12 هزار ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي آهي ۽ اُهو منصوبو جون 2018ع ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

انور مجيد آرائين ڀلو ماڻهو آهي، نيون شگر ملز لڳائڻ تي پابندي سان ان جو واسطو ناهي: ناصر شاھ

Anwar majeed Arain 01

سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير ناصر شاهه چيو ته گهڻيون شگر ملون لڳڻ ۽ ڪمند جي پيداوار وڌڻ سبب ڪپهه جي فصل تي وڏو اثر پئجي رهيو آهي ۽ ڪمند جي فصل ۾ پاڻي ۾ به وڌيڪ استعمال ٿي رهيو آهي، اهڙي طرح ڪمند جو فصل ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي متاثر ڪري رهيو آهي، اُن ڪري سنڌ ۾ نئين شگر مل لڳائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ پنجاب حڪومت به اڳ ۾ ئي اهڙي پابندي لڳائي چڪي آهي. کانئس سوال ڪيو ويو ته ڇا اهڙي پابندي انور مجيد کي فائدو ڏيڻ لاءِ لڳائي وئي آهي؟ جنهن تي هن چيو ته انور مجيد هڪ سٺو انسان ۽ ڪاروباري شخصيت آهي، سندس ادارو وڏو ٽيڪس ڏئي ٿو، اُن ڪري اهو تاثر غلط آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *