Thursday , March 28 2024

سنڌ ۾ برسات دوران تباهڪاريون ڪراچي ڊويزن، سميت 20 ضلعا آفت سٽيل قرار

ڪراچي ڏکڻ ضلعي جو ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي وارو علائقو به آفت سٽيل قرار، جوهيواسي به ڊي ايڇ اي واسين جي برابر اچي ويا !

ڪراچي ( چيف رپورٽر    سنڌ سماچار) سنڌ ۾ گذريل هڪ هفتي کان جاري برساتن دوران آيل تباهي کانپوءِ سنڌ حڪومت ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن سميت صوبي جي 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آفت سٽيل علائقن ۾ سروي ڪري نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويندو. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، آفت سٽيل ضلعن ۾، ڪراچي ڊويزن جا ڇهه ئي ضلعا، حيدرآباد ڊويزن، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٺٽو، بدين، دادو،  سجاول، ڄامشورو، ٽنڊو الهيار، نوابشاهه، ٿرپارڪر، سانگهڙ،مٽياري ضلعن کي به آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب آفت سٽيل ضلعن ۾ ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي سروي ڪري انگ اکر گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪراچي جي اولهه ضلعي ۾ واقع ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جار ارب پتي ماڻهو به آفت سٽيلن ۾ شامل آهن.

برسات جي تباهڪارين جو تصويري منظر

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *