Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾ اڄ کان سنڌ حڪومت جا 25 کاتا 3 اپريل تائين بند رهندا

سنڌ ۾ اڄ کان 3 اپريل تائن موڪل، 25 کاتن جون آفيسون بند رهنديون

ڪراچي(رپورٽر   سنڌ سماءَچار) سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت جا اڪثر کاتا اڄ کان ٻن هفتن لاءِ بند رهندا، سنڌ جي وڏي  وزير  سيد مراد عجلي شاهه پاران ڪرونا جي روڪٿام لاءِ سرڪاري ادارن کي ڪيل موڪل اڄ کان شروع ٿي وئي آهي. چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي منظوري سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطاب سنڌ حڪومت جي 25 کاتن، خودمختيار اٿارٽيز، سيمي خودمختيار اٿارٽيز جون انتظامي آفيسون 19 مارچ کان 3 اپريل تائين بند رهنديون. سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق زڪوات عشر، اوقاف، اسڪول ايجڪوميشن، ڪاليج ايجوڪيشن، ڪو آپريشن، ثقافت ۽ سياحت، آرڪائيوز، معذورن جي ڀلائي وارو کاتو، توانائي، ماحوليات ۽ ڪوسٽل ڊولپيمنٽ، ٻيلو ۽ جهنگلي جيوت کاتو، انساني حقن وارو کاتو، سماجي ڀلائي وارو کاتو، سڌسماءَ وارو کاتو، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، انڊسٽريز اينڊ ڪامرس، معدني وسيلن جو کاتو، انويسٽمينٽ بورڊ، اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئر، ورڪس اينڊ سروسز کاتن جون سموريون آفيسون اڄ کان 3 اپريل تائين بند رهنديون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *