Thursday , March 28 2024

سنڌ ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي، گهوٽڪي ۾ ميڊيڪل ٽيم چڪر هڻي هلي وئي،سنڌ حڪومت اڃا نه جاڳي

  ارڙي جي مرض ۾ مبتلا  نياڻي

ميرپورماٿيلو/نارو ( سنڌ سماءَ چار نيوز) ارڙي سنڌ ۾ وبائي مرض جي صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، وڌيڪ 4 ٻارڙن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا، گجهوٽڪي جي يارو لنڊ يو سي جي مختلف ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي پهتل ٽيم چڪر هڻي هلي وئي، ڳوٺاڻا پريشان. گذريل هڪ مهيني دوران سنڌ ۾ ارڙي جي مرض دوران مختلف علائقن ۾ 25 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن ۽ سوين ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ مبتلا آهن ۽ مرض اڃا وڌي رهيو آهي. ميرپورماٿيلويارو لنڊ يونين ڪائوسنل جي مختلف ڳوٺن ۾ ارڙي 20 کان وڌيڪ مريض ٻارڙا مرض ۾ مبتلا آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، صحت کاتي جي ٽيم اچي ڳوٺن جو ٺلهو چڪر هڻي هلي وئي ۽ ٻارڙن جي سکڻي نبض به نه ڏٺي.

ميرپور ماٿيلو جي يارو لنڊ واري علائقي ۾ ارڙي تيزيءَ سان پکڙجي وئي آهي، جنهن جي لپيٽ ۾ ڪيترائي ٻارڙا اچي ويا آهن.  يارو لنڊ جي ڳوٺ صديق لنڊ ۾ محمد صديق، حاجي عثمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪندي دانهيو ته  ڳوٺ ۾ ارڙي تيزي سان پکڙجي وئي آهي، جنهن ۾ 7 سالن جي ضمير، 5 ورهين جي عبدالنبي ۽ هڪ سال جي شرافت سميت ڪيترائي ٻارڙا مبتلا ٿي ويا آهن.هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته هنگامي بنيادن تي ڳوٺ ۾ ڊاڪٽرز جون ٽيمون موڪلي ٻارڙن جو تڪڙو علاج ڪيو وڃي ته جيئن اسان جي ٻارن جون حياتيون بچي سگهن.

تنگواڻي ويجھو ڳوٺ غلام سرور جعفري ۾ 3 ورهين جو عباس علي جعفري ارڙي وگھي فوت ٿي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ارڙي جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ علائقي جا ڪيترائي ٻارڙا مبتلا آهن، ارڙي تي ضابطو آڻڻ لاءِ صحت کاتي ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا. خيرپور جي تعلقي ناري ۾ به 2 ٻارڙا ارڙي سبب فوت ٿي ويا آهن. ڳوٺ شوڪت آرادين جا رهواسي 5 ورهين جو نور محمد، 2 ورهين جي  شازيه آرادين ارڙي وگھي فوت ٿي ويا. فوتي ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ارڙي سبب روزانو ڪيترائي ٻارڙا حياتيون وڃائي ويهن ٿا، پر صحت کاتي ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.ٻئي پاسي نوابشاهه ۾ ارڙي کان بچاءَ لاءِ وئڪسين لڳڻ بعد ڪراچي جي نجي  اسپتال ۾ داخل ٿيل ٻارڙن مان ھڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو .

ارڙي جي مرض ۾ مبتلا ٻارڙا (فائل فوٽو)

ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ٿيل نوابشاهه جي سيد پاڙي جو رهواسي 9 مهينن جو زبير شاهه فوت ٿي ويو، سندس مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.فوتي ٻارڙي جي جنازي نماز لائن پار محله سيد آباد جي ۾ ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۾ ڊپٽي ڪمشنر سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته جنازي نماز بعد فوتي ٻارڙن جي وارثن ڊپٽي ڪمشنر کي شڪايت ڪئي ته جن جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، انهن مان هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿيو آهي.هنن ڊپٽي ڪمشنر کي اپيل ڪئي ته ارڙي جي بچاءَ جا ٽڪا هڻندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ارڙي جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي، ارڙي وگهي 4 ٻارڙا فوت، جڏهن ته ڪيترائي ٻار ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *