Wednesday , April 24 2024

سنڌ ڪابينا هڪ کان  15 گريڊ تائين نوڪريون ڏيڻ جا انتظام مڪمل

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت صوبي جي مختلف کاتن ۾ 25 هزارن کان وڌيڪ نوڪريون ڏيڻ جي لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، اڄ سنڌڪابينا جي اجلاس ۾ نوڪريون ڏيڻ بابت غور ڪري منظوري ورتي ويندي. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق تعليم، زراعت، آبپاشي، خوراڪ، ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن، ليبر، ٽرانسپورٽ ۽ گهرو کاتي / پوليس ۾ سميت سمورن کاتن ۾ خالي پيل 25 هزار جاين جا تفصيل اڳواٽ ئي تيار ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ به خالي پيل جاين جا تفصيل وڏي وزير جي حوالي ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب نيون نوڪريون ڏيڻ لاءِ ايندڙ هفتي کان اخبارن ۾ اشتهارن ذريعي درخواستون گهرايون وينديو. سنڌ ڪابينا جي اڄوڪي اجلاس ۾ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ سميت سنڌ لوڪل ڪائونسل ايٽمي ترميم سميت 30 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪري فيصلا ڪيا ويندا. سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ 30 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪري فيصلا ڪيا ويندا. ايجنڊا ۾ سنڌ ۾ ڪمند جي مقرر ڪيل اگهه ڏيارڻ، سانگهڙ، سنجهورو ۽ اوٻاوڙو ۾ مارڪيٽ ڪميٽيون ٺاهڻ خانگي سڪيورٽي ڪمپنين کي لائسنس ڏيڻ، زخمي قيدين جي ميڊيڪل ٽريٽمينٽ ايڪٽ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرري، سيڊا چيئرمين جي مقرري، سنڌ لوڪل ڪونسل اليڪشن ۽ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 ۾ ترميم سميت نيون ايجنڊائون شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *