Friday , March 29 2024

سنڌ کي بجلي منصوبن لاءِ گئس نه ملي ته پنجاب جي گئس بند ڪنداسين: مراد علي شاه پ پ جي چور ٽولي 8 سالن تائين سنڌ کي ڦريو آهي: طلال چوڌري جو مراد علي شاهه تي جوابي وار

SSGC 2

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي سرڪار کي چتاءُ ڏنو آهي ته، جيڪڏهن سنڌ ۾ هلندڙ منصوبن لاءِ گئس مهيا نه ڪئي وئي ته سنڌ مان پنجاب ويندڙ گئس پائپ لائن بند ڪري ڇڏينداسين. ملڪ مان گئس جي ڪل پئداوار مان 70 سيڪڙُ کان وڌيڪ گئس سنڌ مان ملي ٿي، پر وفاقي سرڪار سنڌ جي منصوبن لاءِ گئس مهيا نه پئي ڪري.

مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي منصوبن لاءِ گئس مهيا نه ڪئي وئي ته پوءِ سوئي سائودرن گئس ڪمپني ( ايس ايس جي سي) جون سنڌ ۾ موجود سموريون آفيسون تحويل ۾ وٺنداسين ۽ ڪمپني کي اسان پاڻ هلائينداسين.

  CM

پ پ جي چور ٽولي 8 سالن تائين سنڌ کي ڦريو آهي: طلال چوڌري جو مراد علي شاهه تي جوابي وار

نواز ليگ جي اڳواڻ وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٺهه پهه جواب ڏيندي چيو آهي ته، پيپلز گذريل 8 سالن دوران سنڌ جي ماڻهن کي بيوقوف بڻائيندي رهي آهي، پ پ وارا انهن کان ووٽ وٺي گم ٿي وڃن ٿا ۽ اليڪشن ويجهو ايندي ئي ڀڀڪيون ڏيڻ لڳندا آهن.

talal chaudhary 1

طلال چوڌري به وزير اعظم سان وفاداري نڀائيندي چيو ته، سنڌ حڪومت کي جيڪي ڪم تعليم ۽ صحت جي سلسلي ۾ ڪرڻا هئا اهي نه ڪيا ، اهي ڪم به وفاقي حڪومت ڪيا، پر طلال چوڌري اهڙن منصوبن جا نالا ميڊيا کي نه ٻڌائي سگهيو.

طلال چوڌري جو چوڻ هو ته، وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ بجلي چوري ڪندڙ ماڻهن کي ڏسي ۽ انهن  خلاف ڪارروائي ڪري، اهڙا بجلي چور پ پ جي ايم پي ايز جي پويان لڪيل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *