Thursday , March 28 2024

سنڌ ٿر ڪول اٿارٽي ۾ ڪرپشن، سپريم ڪورٽ پاران تفصيلي فيصلو جاري

supreme court

سپريم ڪورٽ سنڌ ڪول اٿارٽي ۾ ڪرپشن ۽ ڊيپوٽيشن تي مقررين بابت فيصلو جاري ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ کي نئين سر انڪوائري ڪري ٻن مهينن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت سنڌ ڪول جي اڻ لاڳاپيل سمورن منصوبن کي لاڳاپيل کاتن ڏانهن ٽرانسفر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته من پسند شخص کي هڪ کرب رپين جي منصوبن جو انچارج ڪيو ويو.

سپريم ڪورٽ، سنڌ ڪول اٿارٽي ۾ ڪرپشن ۽ ضابطن جي ابتڙ ڊيپوٽيشن واري معاملي جو 19 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ کي اٿارٽي جي منصوبن جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالتي فيصلَي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ڪول اٿارٽي کي رڳو انهن منصوبن تي ڪم ڪرڻ جو اختيار آهي، جن جي قانون اجازت ڏئي ٿو.

عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ڪول اٿارٽي اڻ لاڳاپيل منصوبن تي ڪم ڪيو، جيڪي سمورا منصوبا لاڳاپيل کاتن کي منتقل ڪيا وڃن.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ڪول اٿارٽي هڪ کرب جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، ايڏن فنڊز جي استعمال بابت مانيٽرنگ جو نظام به ناهي بڻايو ويو.

سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته من پسند شخص کي ايڏن وڏن فنڊز جو انچارج ڪيو ويو، عوام جي وسيلن جو غلط استعمال انهن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

عدالت اڳوڻي ڊي جي سعيد دانش جي مقرري ۽ ترقي واري معاملي تي به رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته کيس ڊي جي جَي عهدي تان هٽائڻ سان معاملو ختم نه ٿي ويو آهي.

سپريم ڪورٽ چيف سيڪريٽري کي انڪوائري ڪري ٻن مهينن اندر تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ڪول اٿارٽي رڳو اداري جي ايڪٽ تحت ئي ڪم ڪري سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *