Friday , April 19 2024

سنڌ پوليس جو مثبت قدم، شهيد اهلڪارن جي  200ٻارن کي تعليم لاءِ معاهدا ڪيا ويا

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ پوليس پاران شهيد اهلڪارن جي جي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ هڪ مثبت عملي قدم کڻندي مختلف يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن سان يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته شهيد اهلڪارن جي اولاد سان گڏ حاضر سروس اهلڪارن جي اولاد لاءِ به بهتر تعليم لاءِ قدم کنيا ويا آهن. آءِ جي آفيس پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته، حاضر سروس ملازمن جي ٻارن کي به معياري اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ۾ تعليم جا موقعا مهيا ٿيندا. مختلف اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز جي انتظامي اسان يادداشتناما حتي طور تي منظور ڪيا ويا آهن، جن مطابق ملازمن جي ٻارن کي ماهوار فيس ۾ پنجاهه سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. پڌرائي موجوب، دِي ايجوڪيٽر اسڪول ۾ شهيد اهلڪارن جي 200 ٻارن کي مفت تعليم ڏني ويندي ۽ حاضر سروس ملازمن جي 200 ٻارن کي فيس ۾ پنجاهه سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. الائيڊ اسڪول 38 ٻارن کي مفت تعليم ڏيندو ۽ 76 شاگردن سان ماهوار فيس جي مد ۾ 75 سيڪڙو رعايت ڪئي ويندي. عزيز ملت اسڪول ۾ 12 ٻارن کي مفت ۽ 24 ٻارن کي فيس جي مد ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. مريم اسڪول ۽ ڪريسنٽ گروپ آف پبلڪ اسڪول ۾ شهيدن جي سمورن ٻارن کي مفت ۾ تعليم ڏني ويندي. اُن کانسواءِ سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ شهيد ۽ حاضر سروس ملازمن جي ٻارن کي 2-2 سيٽس ڏنيون وينديون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *