Saturday , April 20 2024

سنڌ پوليس؛ پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون پاران روزانو قاتل جلد گرفتار ڪرڻ جون سکڻيون دعوائون

ڪنڌڪوٽ /ڪشمور( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار ) سنڌ پوليس، پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل ۽ سهولتڪار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو ٽِن ڏينهن جو دورو به بي لاڀ بڻجي ويو، ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون پاران روزانو قاتل جلد گرفتار ڪرڻ جون سکڻيون دعوائون. اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو ايس ايس پي ڪشمور جي آفيس آڏو لڳل ڌرڻو چوٿين ڏينهن ۾ داخل، اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو وچن. ڪنڌڪوٽ جَي اي سيڪشن ٿاڻي جي شالو واري علائقي ۾ هٿياربندن هٿان 6 اپريل تي قتل ڪيل آءِ بي اي جي پروفيسر اجمل ساوند جي قتل کي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون پاران روزانو قاتل جلد گرفتار ڪرڻ جون سکڻيون دعوائون به جاري آهن. پروفيسر اجمل ساوند جي گرفتاري کانپوءِ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ به ڪنڌڪوٽ ۽ سکر سميت مختلف علائقن جو ٽِن ڏينهن تائين دورو ڪندو رهيو، پويلس آفيسرز سان ملاقاتن دوران آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي عرفان سمون کي ايس ايس پي شڪارپور جِي اضافي چارج ڏئي ڇڏي، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي عرفان سمون هيل تائين سکڻا اعلان ئي ڪندا رهيا آهن پر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *