Friday , April 19 2024

سنڌ يونيورسٽي ۾ هولي ملهائڻ ڏوهه بڻجي وئي، شاگردن معافي وٺي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ امان ورتي

 

 SIndh versity1

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ هندو شاگردن پاران هولي جي موقعي تي هڪ ٻئي کي هولي جا رنگ هڻي خوشي جو اظهار ڪيو هو. هندو شاگردن کي سندن مذهبي ڏڻ ملهائڻ جي عيوض يونيورسٽي انتظاميا کين سخت سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو. اهڙي سخت فيصلي جي ابتدائي قدم طور هولي ملهائيندڙ شاگردن کان يونيورسٽي جا سڃاڻپ ڪارڊ واپس ورتا ويا هئا.

سنڌ يونيورسٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل هولي جي موقعي تي هندو شاگردن پاران هجڪ ٻئي کي هولي جا رنگ هنيا ويا ۽ اها ڳالهه ڪجهه ماڻهن کي پسند نه آئي.

سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه مسلمان شاگردن نالا نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته ان هولي جي رنگن ۾ اسان به هڪ ٻي پاسي ڏانهن شامل هياسين، شڪر آهي جو بچي وياسين.

هولي ملهائيندڙ هڪ شاگرد جو اهڙُ معافي نامون سامهون آيو آهي جنهن هولي واري ڏينهن يونيورسٽي ۾ ملهايل هولي جو حصو نه هجڻ وارو اقرار نامون لکي ڏنو آهي.

Holy maafi 11

ميرپور خاص واسي ماس ڪميونيڪيشن جي شاگرد راجا ديپڪ پٽ چندي رام پاران 50 رپين جي دستاويز تي لکي ڏنو آهي ته “ هُو 8 مارچ تي ڪلاس وٺي واپس اچي دوستن سان گڏ پارڪ ۾ ويٺوهو ته ڪجهه دوست هولي جا رنگ رسم رواج موجب هڪ ٻئي کي هنيا، جيڪو عمل يونيورسٽي جي قانون خلاف عمل هو، جنهن جي بنياد تي سندن يونيورسٽي جا سڃاڻپ ڪارڊ ضبط ڪيا ويا”.

شاگرد ديپڪ اهڙي عمل تي يونيورسٽي انتظاميا کان معافي وٺي آئينده اهڙي غلطي نه ڪرڻ جي به پڪ ڏياري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *