Saturday , April 20 2024

سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار 9 سالن کان آفر آرڊرز جي انتظار ۾

لاڙڪاڻو(رپورٽر   سنڌسماءَچار) تعليم کاتي ۾ ٽيچرز جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي پاران ورتل امتحان ۾ ڪامياب اميدوار وارن کي 9 سال گذرڻ باوجود نوڪريون نه ملي سگهيون آهن، انٽرويوز ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن پاران آفر آرڊرز نه ملڻ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي، متاثرن جو چوڻ آهي ته کين آفر آرڊر نه ڏئي بنيادي انساني حقن جي به خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي. اميدوارن کلاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس اميدوارن علي ڏنو گاد، ساجد علي قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏواحتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي  اڳواڻن چيو ته 9 سال اڳ پرائمري استاد جي نوڪري لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ ۾60 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻي ڪاميابي حاصل ڪرڻ باوجود  نظرانداز ڪيو ويو. هنن اختيارين کي  اپيل ڪئي آهي ته تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچرز جي نوڪريءَ جا آفر آرڊر ڏئي بيروزگاريءَ کان بچايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *