Wednesday , April 24 2024

سنڌ يونيورسٽي شاگردن کي ماني کارائڻ کان لاچار بڻجي وئي…

ڪراچي( اصغر آزاد    سنڌ سماءَ چار) مادر علمي ادارو سنڌ يونيورسٽي هاڻي هاسٽلز ۾ رهندڙ شاگردن کي ماني کارائڻ کان به لاچار بڻجي ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي ذاتي ڪوششن سان اتي، فلاحي اداري سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ مفت ۾ ماني مهيا ڪرڻ وارومرڪز قائم ڪيو پيو وڃي. جتي شاگردن کي مفت ۾ ماني ڏني ويندي. سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ان معاملي تي سخت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

سنڌ يونيورسٽي مان مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران سيلاني ٽرسٽ کي يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾  رهندڙ شاگردن کي مفت ماني کارائڻ جي منظوري ۽ کيس ڪئمپ/سينٽر قائم ڪرڻ جي اجازت کانپوءِ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ پاران يونيورسٽي ۾ پڪو سينٽر/8ڪئمپ قائم ڪرڻ تائين هنگامي بنيادن تي تنبو لڳائي مفت ماني مهيا ڪرڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويندو. جنهن لاءِ لاڳاپيل فلاحي اداري پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *