Thursday , April 25 2024

سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر ڪراچي ۾ قتل

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءچار) ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر مارجي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، هٿياربندن ڪار سوار کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هن مزاحمت ڪئي، ڦورن فائرنگ ڪري ڪار سوار کي قتل ڪري ڀڄي ويا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مارجي ويل جي سڃاڻپ پروفيسر زين العابدين جي نالي سان ٿي آهي. علائقي واسين پيڇو ڪري هڪ قاتل کي سوگهو ڪري پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *