Saturday , April 20 2024

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا چئن شاگردن کي باغي قرار ڏئي ڇڏيو

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا چئن شاگردن کي باغي قرار ڏئي ڇڏيو، بغاوت جو ڪيس داخل

حيدر آباد (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلز ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگرد ”باغي“ يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن خلاف داخل ڪرايل بغاوت جي ڪيس ۾ ضمانت منظُر ٿي وئي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلز ۾ پاڻي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف ڪجهه ڏينهن اڳ احتجاج ڪندڙ شاگردن کي، يونيورسٽي جي انتظاميا وائيس چانسلر جي اجازت سان باغي قرار ڏياري مٿن بغاوت جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو. بغاوت جي ڪيس ۾ نامزد ڪيل شاگردن هالار ياسين، امير شاهه، دانش ۽ انصار ٻرڙو، گرفتاري کان اڳ حفاظتي ضمانت لاءِ داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي مقامي عدالت ۾ ٿي. يونيوسٽي جي انتظاميا پاران باغي قرار ڏنل شاگر ڪيس جي ٻڌڻي تي عدالت آڏو پيش ٿيا. عدالت سندن وڪيل جو موقف ٻڌڻ بعد چئني شاگردن هالار ياسين، امير شاهه، دانش ۽ انصار ٻرڙو جي ويهه ويهه هزار رپين جي گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي. شاگردن ڪجهه ڏينهن اڳ هاسٽلز ۾ پاڻي جي کوٽ سميت ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪئي هئي، جنهن ڏوهه ۾ يونيورسٽي انتظاميا باغي قرار ڏئي ڇڏيو هو. پوليس وري انتظاميا جي ساٿاري بڻجي 18 کان وڌيڪ شاگردن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هو.

ليڊي هيلٿ ورڪرز کي جنسي هيسائڻ جي الزام هيٺ آيل ڪامورو ذولفقار ڌاريجو هيپاٽائيٽس پروگرام جو انچارج مقرر

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *