Thursday , March 28 2024

سنڌ واسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ محتاج، اڳوڻو وڏو وزير 21 ڪروڙن کان وڌيڪ جي ملڪيتن جو مالڪ

حيدرآباد ( اصغر آزاد    مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن اچڻ سان عوام کي خبر پوي ٿي ته سندن ووٽن تي ڪاميابي ماڻي اقتدار ۾ ايندڙ سياستدانن وٽ ڪيتري ملڪيت آهي، سنڌ جا ماڻهو ته پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ مهتاج ۽ اڪثريت گٽرن جو گند مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي، اتي مٿن حڪمراني ڪندڙ وڏو وزير (اڳوڻو) مراد علي شاهه جي ملڪيتن ۾ واڌ ٿيندي رهي آهي، مراد علي شاهه وٽ 21 ڪروڙن کان وڌيڪ جي ماليت جا اثاثا آهن.  اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ

جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اثاثن جا تفصيل ظاهر ڪيا ويا آهن، جنهن موجب وٽس 21 ڪروڙ 39 لک رپين کان وڌيڪ جي ملڪيت آهي. اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اثاثن جا تفصيل ظاهر ڪيا ويا آهن . اليڪشن ڪميشن موجب اڳوڻي وڏي وزير وٽ 21 ڪروڙ 39 لک 18  هزار 499 رپين جا   اثاثا موجود آهن. اليڪشن ڪميشن موجب مراد علي شاهه جو ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 15 لک رپين جو بنگلو آهي، جڏهن ته 51 ايڪڙ ايراضي زمين به ظاهر ڪئي وئي آهي. دستاويز موجب سيد مراد علي شاهه 10 تولا سون ۽ هڪ ڪروڙ 20 لک رپين جي ٻن گاڏين جو به مالڪ آهي. جاري ڪيل دستاويزن مطابق اڳوڻي وڏي وزير وٽ 2 لک 64 هزار 368 ڊالرز جو بينڪ بيلنس پڻ موجود آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *