Friday , April 19 2024

سنڌ واسي سانوڻي جي مينهن وسڻ تائين پاڻي جو آسرو نه ڪن

اسلام آباد ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کانپوءِ هاڻي سنڌ واسي زرعي پاڻي جي کوٽ چوٽ چڙهي وئي آهي، پاڻي جي کوٽ سبب وونئڻن جي پوکي سخت متاثر ٿي رهي آهي، ارسا ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ چوماسي جي برساتن کان اڳ پاڻي جي کوٽ ختم ٿيڻ جو ڪو به آسرو ناهي. خريف لاءِ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ برقرار آهي، ارسا چيو آهي ته چوماسي جي برسات کان اڳ پاڻي جي صورتحال ۾ بهتري جا ڪي به امڪان ناهن، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته جونَ کان اڳ برساتن جو ڪو به امڪان ناهي. گذريل ڏينهن ارسا جي صلاحڪاري ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ڪمال احمد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ اندر  پاڻي جي تازي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ سمورن ميمبرن ڊيم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته پنجاب تونسا کان ڪوٽڙي تائين وڏي پئماني تي ٿيندڙ لاسز تي اعتراض ڪندي چيو ويو ته اهي لاسز هڪ ملين ايڪڙ فوٽ تائين وڃي پهتا آهن، اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته لاسز جو جائزو وٺن لاءِ ارسا جي پنجاب سان تعلق رکندڙ ڊائريڪٽر آپريشنز جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا آبپاشي کاتي جا ڊائريڪٽر  ريگيوليشن ميمبر طور شامل هوندا،جڏهن ته ارسا جونَ جي وچ ۾ ٻيهر پاڻي جي دستيابي جو جائزو وٺندي. اجلاس ۾ واپڊا جي نمائيندي ٻڌايو ته 50 سيڪڙو برف گهٽ پئي آهي، جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ ۾ اضافو ٿيو آهي،  واپڊا جي نمائيندي چيو ته پاڻي جي صورتحال جلد بهتر ٿيڻ جو في الحال ڪو به امڪان ناهي، سانوڻ جي برسات بابت اڳ ڪٿي جون ۾ ڪري سگهبي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي خريف ۾ کوٽ 15سيڪڙو وڌيڪ ٿي آهي، کوٽ جو ڪاٿو 31 سيڪڙو لڳايو ويو هو پر اها 31 سيڪڙو مان وڌي 42 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *