Friday , April 19 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسر شاهي خلاف ڪارروائين تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

NAB-Sindh

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرز، نيب سان ڏيتي ليتي /پلي بارگين ڪندڙ آفيسرز خلاف ڪارروائين جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو آهي ته پلي بارگين ذريعي واپس ٿيندڙ رقم ڪيڏانهن وڃي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي رضاڪاراڻي طور رقم جي واپسي ۽ عهدي جي بحالي واري ڪيس جي  دوران عدالت ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي بابت حڪومتي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڪارروائي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ غلام مصطفيٰ لنڊ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. چيف  جسٽس احمد علي شيخ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي عهدن تي بحال ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪومتي ڪارروائي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

Sindh Govt Logo1

چيف جسٽس سنڌ جسٽس احمد علي شيخ پنهنجي  رمارڪس ۾ چيو ته نيب کي وي آر تحت پاڻمرادو رقم واپس ڪندڙ آفيسرن جو انگ ڪيترو آهي، واپس ڪيل رقم ڪيڏانهن وڃي ٿي، چيف جسٽس وڌيڪ  رمارڪس ۾ چيو ته ڪرپٽ آفيسرن ڪيتري رقم ڪرپشن ڪئي آهي، مجموعي طور رقم ٻڌائي وڃي، ان حوالي سان حڪومت رپورٽ پيش ڪري. عدالت ۾ نيب جي پراسڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کان واپس ڪيل رقم ڄاڻايل ادارن کي ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته عدالت ۾  ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمري  دليلن ۾ چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث 229 آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، 20 آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو، جڏهن ته 140 آفيسرن سپريم ڪورٽ کان اسٽي آرڊر ورتو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل  سنڌ دليلن ۾ چيو ته وڌيڪ ڪرپشن ۾ ملوث 89 آفيسرن خلاف کاتي تحت ڪارروائي جاري آهي. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ کانپوءِ درخواست جي ٻڌڻي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *