Tuesday , April 23 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ميرپور خاص ۾ سرڪٽ بئنچ قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار)  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ وڌيڪ سرڪٽ بينچ قائم ڪرڻ جو فيصلو، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ حڪومت کي ٽِن سرڪاري عمارتن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو. چيف جسٽس احمد علي شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ، ميرپورخاص  ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران چيف جسٽس احمد علي شيخ جي هدايت تي سنڌ حڪومت کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته، سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور خاص سرڪٽ بئنچ جي قيام لاءِ هڪ هفتي اندر ٽِن مناسب سرڪاري عمارتن جي نشاندهي ڪري سنڌ هاءِ  ڪورٽ کي آگاهه ڪيو وڃي، جيئن انهن ٽِن عمارتن مان ڪنهن هڪ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ لاءِ مختص ڪيو وڃي. ان عمارت ۾ سرڪٽ بئنچ کانسواءِ بئنڪ سميت ٻيون سهولتون به مهيا ڪري سگهجن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *