Thursday , March 28 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ سوسائٽي ۾ اڏاوتي ڪم روڪي ڇڏي، رفعت الزمان ڪياني خلاف داخل 99 ڪيسن جو رڪارڊ طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ سوسائٽي ۾ هلندڙ غيرقانوني اڏاوتي ڪم روڪڻ جو حڪم ڏيندي قبضا ڪري غير قانوني اڏاوتون ڪرائيندڙ بلڊر رفعت الزمان ڪياني خالد ڪياني ۽ اصغر بجاراڻي تي داخل ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، روينيو کاتي جي عملدارن سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيسز به جاري،

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جي ٻه رڪني بئنچ آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ هائوسنگ سوسائٽي ۾ غيرقانوني اڏاوتن سميت بائونڊري وال جي ڪم بابت ايڊووڪيٽ طفيل احمد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت درخواست گذار جي استدعا تي آرڪيٽيڪٽ سوسائٽي ۾ اڏاوتي ڪم ۽ بائونڊري وال جي هلندڙ ڪم کي ايندڙ  حڪمن تائين بند  ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. عدالت قبضو ڪرڻ ۽ غيرقانوني اڏاوتن جي الزام هيٺ آيل ڌرين رفعت الزمان ڪياني. خالد ڪياني ۽ اصغر بجاراڻي خلاف هيل تائين داخل ڪيل 99 ڏوهاري نوعيت جي داخل ڪيسن جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو آهي.

درخواست ۾ ڪوقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گلستان جوهر ٿاڻي جي حد ۾ آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ سوسائٽي جي زمين تي قبضا مافيا پاران پوليس ۽ روينيو آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪرمنل ۽ قبضا گير مافيا سان ملي ڪراچي اوڀر جو ڊپٽي ڪمشنر محمد علي شاهه، اي ڊي سي ٽو يونس ڏاهري، مختيارڪار وزير اوڏ ۽ گلستان جوهر ٿاڻي جي پوليس مليل آهي. درخواساتگذار طفيل احمد درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو آهي ته روينيو کاتي جي آفيسرن رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪري رهيا آهن. رڪارڊ ۾ هيراڦري ڪري سندس پلاٽ تي قبضو ڪري اڏاوت ڪئي پئي وڃي. قبضا گير مافيا پاران آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ سوسائٽي جي هڪ سئو ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي جتي ڏيڍ ڪلوميٽر زمين تي چوديواري پڻ ڏني وئي آهي. عدالت اهڙي درخواست تي درخواست ۾ ڌر ڄاڻايل رفعت الزمان ڪياني خالد الزمان ڪياني ۽ اصغر بجاراڻي جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. عدالت پاران ناظر پڻ مقرر ڪيو ويو عدالت آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ سوسائٽي تي ٿيندڙ اڏاوت جو ڪم روڪيو وڃي عدالت قبضو روڪڻ لاءِ اسٽي جاري ڪري ڇڏيو.

فيض گنج ۾ پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي اڳواڻن جو اتحاد

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *