Friday , March 29 2024

سنڌ فيسٽيول 2014 ۾ ڪرپشن، نيب پاران جاچ جي منظوري،خانگي ماڻهن کان پڇاڻو ٿيندو

اسلام آباد/ڪراچي ( رپورٽر/اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) نيب سنڌ جي ثقافت کاتي ۾ ٿيل ڪرپشن وارين شڪايتن تي جاچ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيب ذريعن جو چوڻ آحي ته، ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري، ڊي جي سميت ڪجهه خانگي ماڻهن کان به پڇاڻو ڪيو ويندو؛ نيب ترجمان جو موجب، 2014 دوران ڪرايل سنڌ فيسٽيول ۾ ڪرپشن واري معاملي جي جاچ ڪئي ويندي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي خلاف به ڪرپشن معامملن جي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

نيب هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي. نيب جي اجلاس بابت ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڇيو ويو آهي، سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري کاتي پاران 2014 ۾ ڪرايل سنڌ فيسٽيول جي فنڊز ۾ ٿيل ڪرپشن جي شڪايتن جي جاچ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. جاچ ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف به ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال وارن معاملن جي جاچ ڪئي ويندي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي نيب سنڌ جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ فيسٽيول 2014 ۾ ڪرپشن بابت سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت، اينٽي ڪُٽيز، سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تڏهوڪن سيڪريٽريز / ڊي جيز کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته، سنڌ فيسٽيول ۾ جن به ماڻهن کان مختلف سيڪشنز/موضوئن بابت تي جيڪي به ڪم ڪرايا ويا هئا، انهن ماڻهن بابت به جاچ شروع ڪئي وئي آهي، امڪان آهي ته انهن کي به ساڳئي ڪرپش وارن الزامن هيٺ جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. سنڌ سماءَچار جي ذريعن موجب، سنڌ فيسٽيول لاءِ ڇپرايل دعوت نامن سميت سمورن معاملن جي جاچ ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *