Thursday , April 25 2024

سنڌ سميت ملڪ ۾ ڪرونا جي وبا تيزي سان پکڙجڻ لڳي

سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 3 هزار 373 ٿي ويو، وبا تيزي سان پکڙجڻ سبب عوام پريشان

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، سنڌ ۾ ۽ پنجاب جا ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، گذريل ٽن ڏينهن کان سنڌ ۾ ڪرونا  جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، هيل تائين سنڌ ۾ 3هزار 373 ۽ پنجاب ۾ 4هزار 331 ڄڻا وائرس جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. جڏهن کان وزيراعظم عمران خان پاران ملڪ ۾ اڏاوتي صنعت کولي لاڪ ڊائون جزوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي تڏهن کان ملڪ ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ پنجاب متاثر ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وگهي متاثر ٿيلن جو انگ وڌي ٽي هزار 373 ٿي ويو آهي، اهڙي طرح پنجاب ۾ متاثرن انگ 4331 ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 9 هزار 749 کان به وڌي ويو آهي، ملڪ ۾ مجموعي طور فوتين جو انگ 209 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ 495 ماڻهو ڪرونا جي وبا ۾ مبتلا ٿيا آهن، گلگت بلتستان ۾ 283 ماڻهو، اسلام آباد ۾ 194 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 51 ڄڻ ا وائرس ۾ مبتلا ٿي آهي.

وفاقي حڪومت پاران ڪرونا وائرس بابت جاري ڪيل معلومات

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 637 ڄڻن جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کان هيل تائين ملڪ ۾ هڪ لک 18 هزار 20 ڄڻن جون ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن، جن مان 9 هزار 749 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي آهي. سنڌ ۾ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 3 هزار 53 آهي، 665 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن،  جڏهن ته 66 ڄڻا هيل تائين فوت ٿي چڪا آهن. پنجاب ۾ 4 هزار 328 ڄڻا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن، 51 ڄڻا پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 742 ڄڻا ڪورونا جو مقابلو ڪندي صحتياب ٿي ويا آهن. بلوچستان ۾ هيل تائين 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، 495 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 167 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ 194 آهي، 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 26 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن. آزاد ڪشمير م 51 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 23 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *