Friday , March 29 2024

سنڌ سميت سڄي ملڪ اندر ڪرونا جي مريضن ۽ فوتين ۾ تيزي سان واڌ

ڪرونا جي وبا دوران سپريم ڪورٽ پاران عيد جي شاپنگ لاءِ ختم ڪيل لاڪ ڊائون جا رونڌ، مريضن جو سوا لک تائين پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر/مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) عيد جي شاپنگ لاءِ ختم ڪيل لاڪ ڊائون کانپوءِ سنڌ سميت پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي وبا تيزي سان پکڙجي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ هڪ لک 10 هزار 107 ماڻهو وبا جي ور چڙهي ويا آهن.

ڪرونا وائرس جي جاري ٿيل سرڪاري انگن اکرن مطابق، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 105 ماڻهو وائرس وگهي حياتيون وڃائي ويٺا آهن، سنڌ سميت سڄي ملڪ اندر وبا ۾ مبتلا ٿيل نون ڪيسن ۾ جو انگ 4 هزار 646 ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ متاثرن جو انگ هڪ لک 8 هزار 317 ٿي ويو، آهي جڏهن ته سنڌ سميت ملڪ جي ٻين علائقن مان مقامي سطح تي ڊي ايڇ اوز ۽ ڊي سيز پاران مليل رپورٽس مطابق متاثر مريضن جو انگ هڪ لک 10 هزار 107 کان به وڌي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن مطابق پنجاب ۾ ڪرونا متاثر مريضن جو انگ 40 هزار 819 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 39هزار 555 ماڻهو وبائي مرض جي ور چڙهي ويا آهن. خيبرپختونخواهه 14هزار 6، بلوچستان ۾ 6هزار 788 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. اهڙي ريت اسلام آباد ۾ 5هزار 785 ماڻهو، گلگت بلتستان ۾ 952 ڄڻا ۽ آزاد ڪشمير ۾ 412 شهري وائرس ۾ وٺجي چڪا آهن، عالمي وبا سبب هيل تائين فوتين جو انگ 2هزار 172 ٿي ويو، 35هزار 18 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *