Thursday , March 28 2024

سنڌ سرڪار پاران تعليمي ايمرجنسي جو انوکو انجام، ڪراچي ۾ لينڊ مافيا قومي ورثو قرار ڏنل اسڪول جي عمارت ڊاهي ڇڏي

school building 1

ڪراچي جي سولجر بازار واري علائقي ۾ 1928 ۾ قائم ٿيل اسڪول ڊهي ويو، پر تعليم کاتي سميت ڪنهن به ذميوار اداري کي خبر نه پئجي سگهي ۽ نه ئي وري حد جي پوليس نوٽيس ورتو.

ڪراچي جي سولجر بازار ۾ مني صدي قديمي اسڪول جي عمارت اڻڄاتل ماڻهن ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي، عمارت ڊهڻ دوران انتظاميا ۽ پوليس مامري کي بيخبر رهي، ميڊيا تي خبرن اچڻ بعد وڏي وزير معاملي جو نوٽيس وٺندي تعليم ۽ ثقافت کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڪراچي جي سولجر بازار واري علائقي ۾ جوابدارن گذريل رات، 1928 ۾ قائم ٿيل ۽ تاريخي ورثو قرار ڏنل اسڪول سولجر بازار  اسڪول جي عمارت ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي.

جوابدارن گذريل رات سولجر بازار ۾ 89 سال اڳ قائم ڪيل اسڪول جي عمارت ڊاهي ڇڏي، جنهن بابت تعليم کاتي، حد جي پوليس سميت لاڳاپيل اختيارين کي خبر ئي نه پئجي سگهي.

تاريخي ورثو قرار ڏنل اسڪول جي عمارت ڊاهڻ واري خبر ميڊيا تي اچڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير مامري جو نوٽيس وٺندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

عوام کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ سرڪار پاران صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو هجڻ باوجود مئٽرڪ جي امتحانن دوران کلئي عام ڪاپي هلندي رهي، سوالي پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿي فوٽو اسٽيٽ مشينن تي پهچندا رهيا، پر تعليم کاتو اڃا تائين خمارن ۾ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *