Friday , April 19 2024

سنڌ سرڪار هن سال زراعت جي شعبي تي هڪ ارب رپيا ٽئڪس اوڳاڙيندي

zaraet 01

ڪراچي: سنڌ حڪومت نئين مالي سال 18-2017ع جي بجيٽ ۾ خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي شرح 13 سيڪڙو برقرار رکي آهي، جڏهن ته  خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي وصولين جو هدف نئين مالي سال ۾ 28 سيڪڙو جي اضافي سان 78 ارب رپين مان وڌائي 100 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. زراعت تي انڪم ٽيڪس جي وصولين جو هدف به 39 ڪروڙ 30 لک رپين مان وڌائي هڪ ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت مٿان عام چونڊون اچڻ ڪري انهن چونڊن ۾ سياسي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ  ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ بورڊ آف روينيو جي ٽيڪسز جي هدفن ۾ واڌارو ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ ايل اين جي سميت تيل ۽ گئس جي لائينن تي انفرا اسٽرڪچر سيس لاڳو ڪرڻ واريون تجويزون قبول نه ڪندي مالياتي بل ۾ شامل نه ڪيون. نئين مالياتي بل ۾ سنڌ روينيو بورڊ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ٽريول ايجنٽن ۽ ٽوئر آپريٽرن تي خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو مان گهٽائي 8 سيڪڙو ڪئي وئي، انهن ڪال سينٽرن جن کي پرڏيهه مان پئسا وصول ٿيندا انهن تي جي ايس ٽي جي شرح 13 سيڪڙو مان گهٽائي 3 سيڪڙو ۽ اموايبل پراپرٽي خدمتن تي جي ايس ٽي جي شرح 8 سيڪڙو مان گهٽائي 3 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. سنڌ روينيو بورڊ جي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اهو ڄاڻايو ويو آهي ته بيوٽي پارلرن، ريسٽورنٽن ۽ ٻين رٽيل وارن واپاري هنڌن جي ڪيش رجسٽريشن جي اليڪٽرانڪ سسٽم ذريعي مانيٽرنگ ڪئي ويندي ۽ ان مانيٽرنگ ۾ رنڊڪ وجهندڙ شخص تي هڪ لک رپين تائين ڏنڊ جي سزا ۽ هڪ سال تائين قيد جي سزا ملي سگهندي. مالياتي بل ۾ اها به ترميم ڪئي وئي آهي ته سنڌ روينيو بورڊ ايڪٽ جي سيڪشنن 24، 24 اي ۽ 24 بي تحت جيستائين ڪو ماڻهو يا ادارو پاڻ کي رجسٽرڊ نه ڪرائيندو تيستائين سنڌ روينيو بورڊ پاران ان کي معاشي سرگرمين لاءِ ٽيڪس ادا ڪندڙ طور رجسٽرڊ نه ڪيو ويندو. جڏهن ته 54 اي جو نئون سيڪشن ايڪٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن تحت اهو ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪٽرانڪ سسٽم ذريعي خدمتن تي ٽيڪس جي حوالي سان مختلف ادارن جي ڪيش بُڪن جي مانيٽرنگ ڪئي ويندي. نئين مالياتي بل ذريعي پراڊڪشن هائوسز جي ڊبنگ، ٻيهر رڪارڊنگ، ڪلرنگ، سب ٽائيٽل وارين خدمتن کي به جي ايس ٽي جي دائري ۾ آندو ويو آهي. نئين بل ذريعي اها ترميم ڪري ٽيڪس ادا ڪندڙن کي اها رعايت ڏني وئي آهي ته پهريان 120 ڏينهن جي اندر ٽيڪس نه ڏيڻ جي اندر شوڪاز جاري ڪيو ويندو هو پر هاڻي اهو مدو وڌائي 180 ڏينهن ڪيو ويو آهي. سنڌ روينيو بورڊ جي ايڪٽ ۾ 47 اي جي نالي سان هڪ نئون سيڪشن شامل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٿيندڙ ٽيڪس کان گهٽ به پئسا ادا ڪندو  ته کيس شوڪاز نه ڏنو ويندو ۽ اُهي پئسا وصول ڪيا ويندا. اهڙي طرح ٽيڪس ادا ڪرڻ تي رٽرنس حاصل ڪرڻ جي شق به شامل ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *