Friday , April 19 2024

سنڌ سرڪار جي تعليمي ايمرجنسي جو نتيجو: پوڻان 2 لک شاگردن جون داخلائون گهٽجي ويون

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار ) سنڌ سرڪار صوبي ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ تعليم کاتي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون هيون جيڪي اڃا تائين لاڳو آهن. تعليمي ايمرجنسي ان لاءِ لڳائي وئي هئي ته تعليم جو معيار بهتر بڻائجي ۽ شاگردن جو داخلائون وڌ کان وڌ ٿي سگهن، پر تعليمي ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ داخلائن جو انگ وڌڻ بدران گهٽجي ويو آهي. تازن انگن اکرن موجب سرڪاري تعليمي ادارن ۾ شاگردن جون داخلائون وڌڻ بدران لڳ ڀڳ پوڻان 2 لک گهٽجي ويون آهن. ڪجهه سالن اندر  9 هزار ۽ گذريل هڪ سال ۾ 3هزار 172 اسڪول بند ۽ پوڻا 2 لک شاگردن جي داخلا  گهٽجڻ  جو انڪشاف ٿيو آهي، 55 سيڪڙو اسڪول بجلي، 37 سيڪڙو واش روم، 43 سيڪڙو پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آهن.

صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ گذريل ست سالن دوران شاگردن جي انگ ۾ 1 لک 68 هزار کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي.سنڌ جي تعليم کاتي جي ذيلي اداري رفارم سپورٽ يونٽ جي رپورٽ مطابق، سنڌ ۾ 2011ع ۾ پرائمري ايلمنٽري اسيڪنڊري ۽  هائر سيڪنڊري اسڪولن جو  انگ 48 هزار 914 هو؛ جيڪو 2017ع ۾ گهٽجي 42 هزار 383 رهجي ويو. رپورٽ م۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، گرلز اسڪولن جو انگ 7 هزار 801 مان 5 هزار 385 بچيو آهي. اسڪولن ۾ شاگردن جو انگ 17 لک 58 هزار 853 مان گهٽجي 16 لک 52 هزار 25 بچيو آهي. تعليم کاتي انگ ۾ گهٽتائي جو سبب غير فعال اسڪولن کي قرار ڏنو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بوائز اسڪول 11 هزار 732 کان گهٽجي 6 هزار 70 بچيا آهن ۽ 2011ع ۾ شاگردن جو انگ 24 لک 63 هزار 307 هو جيڪو هاڻ وڌي 25 لک 77 هزار 103 ٿي ويو آهي جڏهن ته گڏيل طور تي شاگردن جو انگ 42 لک 22 هزار 160 کان وڌي 42 لک 29 هزار 128 ٿي ويو.

تعليمي ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ باوجود صوبي ۾ 23 هزار اسڪول بجلي کان محروم آهن. رپورٽ موجب سنڌ جي 16 هزار 359 اسڪولن جي چوديواري ۽  15 هزار 478 اسڪولن ۾ باٿ روم ئي ناهن. 18 هزار 128 اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي  نه آهي. 23 هزار 235 اسڪولن ۾ بجلي ۽ 31 هزار 982 اسڪولن ۾ راند جا ميدان ناهن. 2 هزار 10 سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن مان 942 اسڪولن ۾ سائنس ليباريٽري، هڪ هزار 89 اسڪولن ۾ بائيولاجي جي ليباريٽري، هڪ هزار 114 اسڪولن ۾ ڪيمسٽري ۽ هڪ هزار 719 اسڪولن ۾ فزڪس جي ليباريٽري ۽  هڪ هزار 374 اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر ليب مورڳو قائم ئي ناهن ڪيون ويون. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 42 هزار 383 اسڪولن مان 41 هزار 649 اسڪولن ۾ لائبريريون ناهن.42 هزار 383 اسڪولن مان 30 هزار 928 اسڪولن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گڏ پڙهايو وڃي ٿو، جڏهن ته 6 هزار 70 اسڪولن ۾ ڇوڪرين ۽ 5 هزار 385 اسڪولن ۾ ڇوڪرن کي تعليم ڏني وڃي ٿي. رپورٽ موجب تعليم کاتي جي پرائمري کان هائير سيڪنڊري اسڪولن جي عمارتن مان 6 هزار 567 اسڪولن جون عمارتون خطرناڪ، 4 هزار 910 اسڪولن کي عمارت يا ڇت نه آهي. رپورٽ موجب سنڌ ۾ تعليم کاتي جي اسڪولن مان  رڳو 13 هزار 891 اسڪولن جون عمارتون بهتر حالت ۾ آهن ، جڏهن ته 15 هزار 978 اسڪولن جي عمارتن کي مرمت جي ضرورت آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *