Friday , March 29 2024

سنڌ سان واسطو رکندڙ جسٽس گلزار احمد، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجي ويو

سنڌ سان واسطو رکندڙ جسٽس گلزار احمد، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجي ويو،

جسٽس گلزار احمد 25 مهينا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس رهندو

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) چيف جسٽس آصف سعيد خان کوسا 11 مهينا 2 ڏينهن عهدي تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪالهه رٽائر ٿي ويو، اڄ جسٽس گلزار احمد نئين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻڻ کان پوءِ پنهنجي عهدي جون ذميواريون سنڀاليندو. اڄ جسٽس گلزار احمد نئين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻڻ کان پوءِ پنهنجي عهدي جون ذميواريون سنڀاليندو، حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿيندي، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. نئون چيف جسٽس گلزار احمد25 مهينا سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائيندو. چيف جسٽس گلزار احمد 2 فيبروري 1957ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي، 18 جنوري 1986ع تي وڪالت شروع ڪئي، 4 اپريل 1988 تي هاءِ ڪورٽ ۽ 15 سيپٽمبر 2001ع تي سپريم ڪورٽ جو وڪيل بڻيو، جڏهن ته 2002ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج طور حلف کنيو، 16 نومبر 2011ع تي سپريم ڪورٽ جو جج بڻيو، جسٽس گلزار احمد ڪراچي ۾ چائنا ڪٽنگ، حد دخلين ۽ انتظامي نااهلي وارن مامرن تي تفصيلي فيصلا ڏنا، جسٽس گلزار احمد ن ليگ جي اڳواڻ طلال چوڌري کي نااهل ڪرڻ واري بينچ جو حصو رهيو سندس ڏنل فيصلن سبب ڪراچي ۾ حددخلين واري مامري تي 500 کان وڌيڪ عمارتون ڪيرايون ويون، چيف جسٽس گلزار احمد هڪ فيبروري 2022ع تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿيندو. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته پاڪستان آئين زنده ۽ جاويد دستاويز آهي. سپريم ڪورٽ آئين جي تحفظ، قانون جي حڪمراني، آزاد عدليه جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيندي آئي آهي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا جي مان ۾ ٿيل فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي نامزد چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد چيو ته عوام جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *