Wednesday , April 24 2024

“سنڌ رجيڪٽس بوگس ڊوميسائيلز”ٽويٽر تي ٽاپ ٽرينڊبڻجي ويو

#SindhRejectsBogusDomiciles

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف سنڌ واسين پاران هلايل مهم ٽيوٽر تي دنيا ۾ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، 10 لک کان وڌيڪ ٽويٽس جو رڪارڊ، سنڌ سوڌو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌ واسين ڀرپور حصو ورتو. رات ساڍي ڏهين وڳي تائين #SindhRejectsBogusDomiciles  ٽويٽس 11 وڳي تائين هڪ ملين يعني 10 لک کان وڌيڪ ٿي چڪا آحن، #SindhRejectsBogusDomicilesجيڪو انگ رات 12 وڳي تائين 11 لکن تائين پهچڻ جي اميد آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٻين صوبن جي ماڻهن کي جاري ڪيل جعلي ڊوميسائيلز خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن، علامتي بک هڙتالين به جو سلسلو هلندڙ آهي ته ٻئي پاسي سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ٽويٽر تي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ويٺل سنڌ واسين صبح کان وٺي رات دير تائين ٽويٽر تي #SindhRejectsBogusDomiciles جي عنوان سان ٽرينڊ هلايو جيڪو، ٽويٽر سميت سماجي رابطن جي ٻين ويب سائيٽس تي هڪ ٻئي کي ٽرينڊ ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ دعوت پڻ ڏيندا رهيا. #SindhRejectsBogusDomiciles جيڪو ٽرينڊ اسپونسرڊ هئڻ کانسواءِ به رات جو 11هين وڳي تائين10 لکن کان وڌي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *