Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت + 2000 رپيا+ سرڪاري ايمبولينس = ٽي انساني حياتيون موت حوالي

سنڌ حڪومت جي نااهلي جي انتها، صحت کاتي جي لاپرواهه انتظاميا ٻه انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، سنڌ حڪومت + 2000 + سرڪاري ايمبولينس = ٽي انساني حياتيون موت حوالي

ميرپور خاص (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جي نااهلي جي انتها، صحت کاتي جي لاپرواهه انتظاميا ٻه انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، وڏو وزير اڃا جاچ ڪرائيندو، سول اسپتال ميرپورخاص ٻه هزار نه هجڻ تي لاش کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، موٽرسائيڪل تي لاش کڻي ويندڙن سان حادثو، هڪ ئي ڪٽنب جا وڌيڪ 2 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا. وڏي وزير مراد علي شاهه هاڃو ٿيڻ باوجود معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي  هدايتن تائين پورو آهي. ميرپور خاص سول اسپتال انتظاميا جي بيحسي ۽ انسانيت سوز رويي هڪ خاندان اُجاڙي ڇڏيو آهي، لاش کڻائي وڃڻ لاءِ هڪ پورهيت جڏهن انتظاميا کان ٻارڙي جو لاش ڳوٺ کڻي وڃڻ لاءِ سرڪاري ايمبولينس ڏيڻ جو چيو ته، کانئس 2 هزار رُپيا پئٽرول جي مد ۾ گهريا ويا، جيڪي نه ڏئي سگهڻ تي کيس ايمبولينس نه ڏني وئي.

غريب وارث موٽرسائيڪل تي ٻار جو لاش کڻي وڃي رهيا هئا ته گاڏي ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. غريب وارث ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي کڻي وڃي رهيا هئا ته کپرو روڊ تي بدنصيب موٽر سائيڪل کي تيز رفتار گاڏي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٻارڙي جو والد ڪيول ۽ مائٽ رميش ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ ٽئي لاش ڪافي دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهياا، حادثي کانپوءِ ايمبولينس پهتي ۽ فوتي ٻار سوڌو حادثي ۾ فوت ٿيل ٻن ڄڻن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا. اسپتال انتظاميا جي بيحسي ۽ انسانيت سوز رويي تي ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، جڏهن ته پوليس حادثي واري هنڌ پهچي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻندڙ شهزور گاڏي تحويل ۾ وٺي گاڏي جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي. واقعي بابت خبرون هلڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس ورتو ۽ ڪمشنر ميرپورخاص کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، وڏي وزير چيو ته پتو لڳايو ته ٻارڙي جي فوت ٿيڻ وقت سول اسپتال ميرپورخاص جي ايمبولنس ڪٿي هئي. واقعي جي جاچ لاءِ ڊاڪٽر مشتاق ۽ انور قادر تي ٻڌل جاچ ڪميٽي جوڙي وئي، ڪميٽي 16 آڪٽوبر تائين جاچ ڪري رپورٽ واڳيل اختيارين کي ڏيندي.

اربين رپين جو تيل ڏيندڙ بدين ضلعو هڪ پل به نه لهڻي؟

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *