Thursday , April 25 2024

سنڌ حڪومت “گمس ” جو نالو تبديل ڪرڻ تي عمل، نالي جي تختي جو افتتاح

Gism1 Gism3

 گمبٽ ۾ صحت واري صوبائي گمس جو نالو تبديل ڪري عبدالقادر شاهه جيلاني ميڊيڪل ڪاليج رکڻ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، گمس جو نالو تبديل ڪرڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. سڪندر مينڌرو گمبٽ ۾ گمس جو نالو تبديل ڪري عبدالقادر شاهه ميڊيڪل ڪاليج رکڻ جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته صوبائي وزير اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو پڻ ڪيو. ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پير عبدالقادر شاهه جيلاني ميڊيڪل ڪاليج جو افتتاح ڪري کيس تمام گھڻي خوشي محسوس ٿي آهي. هن چيو ته عبدالقادر شاهه جيلاني جو نالو رکڻ تي ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جلد پي ايم ڊي سي کان عبدالقادر شاهه ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن ڪرائي ڪاليج ۾ تدريسي عمل شروع ڪيو ويندو. ٻئي پاسي “ گمس“ جو نالو تبديل ڪرڻ خلاف شهرين ۽گمس بچايو تحريڪ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته “گمس“ نالو تبديل ڪرڻ وارو ترميمي بل واپس وٺي “گمس“نالو بحال ڪيو وڃي…..

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *