Saturday , April 20 2024

سنڌ حڪومت کي فاروق ايڇ نائڪ کان وڌيڪ ڀلو وڪيل نه ٿو ملي، 17 ڪيسن لاءِ 21 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا: ضياءَ لنجار

zia lanjar 1Farooq-H-Naek-1

سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ سميت مختلف عدالتن ۾ سنڌ حڪومت خلاف هلندڙ ڪيسن جي پيروي لاءِ سرڪار کي فاروق ايڇ نائڪ کان وڌيڪ ڀلو وڪيل نه ٿو ملي، انڪري کيس 2013 کان هيل تائين 17 ڪيسن جي پيروي لاءِ 21 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا آهن.

سنڌ جي قانون واري وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته، فاروق ايڇ نائڪ سپريم ڪورٽ سميت مختلف عدالتن ۾ سنڌ حڪومت خلاف هلندڙ ڪيسن جي پيروي فاروق ايڇ نائڪ ڪري رهيو آهي.

قانون واري صوبائي وزير ان سلسلي ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته،عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن جي بهتر نموني پيروي ڪرڻ لاءِ فاروق نائيڪ کان وڌيڪ بهتر وڪيل نه آهي، انڪري کيس ڪيسن جي پيروي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

فاروق ايڇ نائڪ کي سنڌ حڪومت خلاف هلندڙ 17 ڪيسن جي مد ۾ 21 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا آهن.

ان سلسلي ۾ جڏهن هڪ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سان رابطو ڪري معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته هُن اهو چئي فون بند ڪري ڇڏي ته، “نوڪري ناهي وڃائڻي”.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *