Friday , April 19 2024

سنڌ حڪومت ڄام صادق جي پرنسپل اسسٽنٽ تي مهربان، سپريم ڪورٽ کي ڪاوڙ

سپريم ڪورٽ ٿر ڪول اٿارٽي ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، عدالت اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق جي پرنسپل اسسٽنٽ جي ڊي جي ٿر ڪول اٿارٽي طور مقرري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن بعد سنڌ حڪومت ڊي جي ٿرڪول کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ڪول اٿارٽي ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته دانش سعيد کي چٽاڀيٽي امتحان پاس ڪرڻ کانسواءِ پهريان اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ بعد ۾ مختلف عهدن تي رکيو ويو، جنهن کي هاڻي ڊي جي ٿر ڪول اٿارٽي مقرر ڪيو ويو آهي.

عدالت اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق جي پرسنل اسسٽنٽ جي ڊي جي ڪول اٿارٽي طور مقرري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڊي جي جي مقرري بورڊ جو اختيار آهي پر اهو ڪم ايم ڊي ڪري رهيو آهي، جيڪو پاڻ غير قانوني طور مقرر ٿيو آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اهڙن سفارشي ماڻهن صوبي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جا حق غصب ڪيا پيا وڃن، وڏي وزير کي قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏيندي چيو ته، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هتي قانون ٺاهيا ئي ان لاءِ ويندا آهن ته انهن کي ٽوڙيو وڃي، سڄي صوبي جا وسيلا هڪ سفارشي کي بچائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.

جسٽس اميرهاني مسلم رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت عوام آڏو جواب ڏيڻ جي پابند آهي، ان کي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جو اختيار ناهي.

جسٽس امير هاني مسلم چيو ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ کان شيون لڪائي رهي آهي، عوام کي ڇا ٻڌائيندي، 8 ارب رپين جي بجيٽ واري اٿارٽي تي نااهل،سفارشي ۽ سيڪنڊ ڊويزن گريجوئيٽ کي ڊي جي لڳايو ويو آهي.

ٻي طرف سپريم ڪورٽ پاران ڊي جي ٿرڪول جي قائدن ۽ ضابطن جي ابتڙ مقرري خلاف درخواست تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ ۽ ان تي فيصلو محفوظ ڪرڻ بعد سنڌ سرڪار به حرڪت ۾ اچي وئي آهي.

سنڌحڪومت جي عام انتظامن واري کاتي پاران ڊائريڪٽر جنرل ٿرڪول اٿارتي دانش سعيد کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ دانش سعيد کي هدايت ڪئي وئي آهي ته، هُو فوري طور تي عهدي جي چارج ڇڏي فوري طور تي عام انتظامن واري کاتي ۾ رپورٽ ڪري

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *