Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ حڪومت جي پوئواري ڪري پئي،ايان علي کي اسان ناهي ڀڄايو:شهلا رضا جو انڪشاف

ڪراچي( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) صوبائي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شهلا رضا انڪشاف ڪيو آهي ته، پيپلز پارٽي جي موجوده سنڌ حڪومت، سنڌ ۾ ڪيترن ئي معاملن ۾ تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخواه حڪومت جي طرقيڪار جي پوئواري ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. شهلا رضا هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ مخاللف ڌر کي نه ڏيڻ واري معاملي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ شهلا رضا چيو ته اسان / اپوزيشن قومي اسيمبلي ۾ پي اي سِي جي چيئرمين شپ حڪومت کان حاصل ڪري ڏيکاري، سنڌ اسيمبلي ۾ اسان پي سي جي چيئرمين شپ اپوزيشن کي نه ڏينداسين، وٺڻي اٿن ته وٺي ڏيکارين. شهلا رضا چيو ته، سنڌ اسيمبلي جي پي اي سي واري معاملي تي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت، تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخوا حڪومت جي اصولن کي فالو/ پوئواري ڪري رهي آهي. شهلا رضا هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته، ايان علي کي اسان پرڏيهه ناهي ڀڄايو، ايان علي ته عدالت جي اجازت سان پرڏيهه وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *