Wednesday , April 24 2024

سنڌ حڪومت پاران ٻيٽن بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهين، اين او سي ڏيڻ ۽ آرڊيننس جي ڪنهن ڪنهن کي خبر هئي؟

آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير، صوبائي وزير ناصر شاهه سميت 3 صوبائي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي معاملي بابت پهرين ڏينهن کان خبر هئي: ذريعا

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ لاءِ وفاقي وفاقي حڪومت کي اين او سي ڏيڻ ۽ وفاقي سرڪار پاران آرڊيننس جاري ڪرڻ واري سموري مرحلي کان، پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف، جي ڊي اي جي قيادت ۽ ايم ڪيو ايم جو هڪ وزير باخبر هئا، صوبائي وزير ناصر شاهه سميت سنڌ ڪابينا جا 3 وزير ۽ سنڌ جو چيف سيڪريٽري به معاملي بابت باخبر هئا، ذريعن موجب، ان سلسلي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جون اڳوڻي صدر آصف زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان هن معاملي تي گڏ ۽ ٻڻهي سان ڌار ڌار ملاقاتون به ٿيو، وڏو وزير سنڌ ۾ موجود وفاقي سرڪار جي هڪ انتهائي طاقتور شخصيت سان پڻ ملاقاتون ٿيون. سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ، سنڌ حڪومت پاران اين او سي ڏيڻ ۽ وفاقي سرڪار پاران صدارتي آرڊيننس ذريعي “ پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي” قائم ڪرڻ واري معاملي بابت سنڌ سماءَچار پاران گڏ ڪيل معلومات دوران انتهائي چرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن، ان سلسلي ۾ گذريل 4 آڪٽوبر کان مختلف ذريعن وٽان مليل ڄاڻ مطابق، اڳوڻي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف ۽ ايم ڪيو ايم جي خواهش مطابق سنڌ بُنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري پراڻي خواهش تي ٻيهر عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي طاقتور ڌرين پاران هلندڙ سال 2020 جي شروعاتي ڏينهن کان ڪوششون شروع ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ جنوري جي آخري هفتي دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي جي هڪ طاقتور شخصيت جي ملاقات ٿي، ذريعن جي دعويٰ موجب شام جو ستين وڳي شروع ٿيل ملاقات رات لڳ ڀڳ ڏيڍ وڳي تائين جاري رهي، جنهن بعد ٻئي ڏينهن صبح جو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان فون تي معاملي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. پ پ پ جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، وڏي وزير مراد علي  شاهه فون تي ٿيل ڳالهه کانپوءِ 2 کان 3 ڏينهن دوران بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪري کيس ٻيٽن بابت سموري منصوبابندي، وفاقي حڪومت سميت واڳيل ڌرين سان ٿيل ملاقاتن بابت آگاهي ڏني. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آصف زرداري سان ملاقات بعد وڏي وزير پيپلزپارتي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان به ملاقات ڪري کيس سڄي پلاننگ بابت بريفنگ ڏني.

ٻيٽن واري معاملي ۾ سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي  ڪردار بابت گڏ ڪيل معلومات دوران پ پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ ٻڌايو ته، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ان ٻيٽن واري معاملي تي وفاقي حڪومت توڙي وفاق سان لاڳاپيل هڪ طاقتور شخصيت سان ڳالهين ۽ معاملا طئي ڪرڻ لاءِ مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا ۽ کيس هدايت ڪئي ته، هن معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڪنهن به قسم جو ڪو به تڪرار نه ڪرڻ جي  هدايت به ڪئي. “ڇا پيپلزپارٽي ايڏو وڏو فيصلو ڪرڻ وڃي رهي هئي، جيڪو آئين، قانون ۽ اخلاقي ضابطن جي خلاف هو ته ان کي سنڌ جي عوام جي ردعمل بابت خبر نه هئي؟”، واري سوال تي پيپلزپارٽي جي ان اڳواڻ ٻڌايو ته، “ پ پ پ کي ڪنهن به معاملي اهو به سنڌ جي وحدت سان لاڳاپيل عوامي ردعمل جي خبر نه هجي، اهو ممڪن ئي ناهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخرڪار قيادت هن هيڏي وڏي بلينڊر ڪرڻ جو سوچيو ڪيئن ۽ ان کي سڌو دڳ ڏنو، هن چيو ته، آصف زرداري ۽ بلاول گهٽ ۾ گهٽ وڏي وزير کي اين او سي جاري ڪرڻ جي اجازت نه ڏين ها، يا وري آرڊيننس جاري ٿيڻ شرط ان کي ڪنهن نه طريقي سان منظر تي آڻي ڇڏين ها، ان جا ڪيترائي طريقا آهن، اسان ته هاڻي سنڌ جي ماڻهن آڏو وڃي به نه سگهنداسين”. ڇا آرڊيننس بابت وڏي وزير، آصف ۽ بلاول کي خبر هئي؟” واري سوال تي هن چيو ته “ معاملو منظر تي اچڻ کانپو جڏهن وڏي وزير کان ڪجهه پارٽي جي سينئر اڳواڻن معلوم ڪيو ته انهن کي جواب ها ۾ مليو نه رڳو ايترو پر لڳي ائين رهيو آهي ته آرڊيننس جي ڊرافٽ کان به سڀ واقف هئا.”

سنڌسماءَچار پاران جڏهن معاملي جا وڌيڪ پيرا کڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ذريعن  کان اهو به معلوم ٿيو ته، ٻيٽن وارو معاملو، آرڊيننس ۽ اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرري وارو ڦاٽ ڦاٽڻ ۽ حقيقتون منظر تي اچڻ کانپوءِ، آصف زرداري، وڏي وزير مراد علي  شاهه پارٽي جي سينئر قيادت توڙي پارليامينٽيرينز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اُهي معاملي تي سنڌ حڪومت ۽ پارٽي جو دفاع ڪن، ان لاءِ مقامي سطح تي به پنهنجي پنهنجي ٽيم کي سرگرم ڪيو وڃي.

وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي هڪ ڀيرو ٻيهر قبضي جون تياريون مڪمل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *