Thursday , April 25 2024

سنڌ حڪومت پاران ماڪڙ جي خاتمي کان ڪن لاٽار، وڏو وزير ۽ زراعت وارو وزير خاموش تماشائي بڻيل

سنڌ تي پيپلزپارٽي جي 11سالن جي حڪمراني ماڪڙ مار اسپري ڪرائڻ جي کان لاچار بڻيل، آبادگار ۽ هاري بي يارو مددگار

سنڌ حڪومت پاران ماڪڙ جي خاتمي کان ڪن لاٽار، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ زراعت وارو وزير اسماعيل راهو خاموش تماشائي بڻيل

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ گذريل 7 مهينن کان موجود ماڪڙ  جي خاتمي لاءِ سنڌ 2008 کان لاڳيتو هيل تائين حڪمراني ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آيل ماڪڙ جو خاتمو ڪرڻ کان لاچار بڻيل،  ماڪڙ ڪڻڪ جي پوکيل تازي فصل جا سلا کائي ناس ڪري ڇڏيا، فيض گنج، ناري، ٺري ميرواهه، گمبٽ ۽ پيرڳوٺ، صالح پٽ، سميت اڪثر  علائقن ۾ ڪڻڪ جي اپت ۽ آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان. گذريل جون مهيني دوران سنڌ ۾ خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي ۾ آيل ماڪڙ جي خاتمي لاءِ زراعت کاتي پاران سنجيدگي سان اپاءَ نه وٺڻ جي نتيجي ۾ ماڪڙ،سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي چڪي آهي. خيرپور ضلعي جي فيض گنج، ٺري ميرواهه، اڪري، گمبٽ، راڻيپور، ڪنب، سکر جي وارياسي پٽ وارن علائقن صالح پٽ سميت مختلف علائقن ۾ به ماڪڙ پهچي وئي. ماڪڙ سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي، دادو، نوشحرو فيروز، ۽ نوابشاهه ضلعن جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ واري ڦيري سان پهچي فصل ناس ڪري واپس هلي وڃي ٿي. ماڪڙ سٽيل علائقن جي عوام پاران احتجاج ۽ مطالبا ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت جي ڪن تي جونءَ ڀي نه چُري.

خيرپور ضلعي جي فيض گنج، ناري ۽ ٺري ميرواهه جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ هڪ ڀيرو وري اچي ديرا ڄمايا آهن، ماڪڙ پڪاچانگ، حسين پاتو، ڪوٽلالو، ڳوٺ ننگر خان شار، شاهن شر، بلوچ خان شر، صالح شر، ڀنگو بهڻ، سميت اڪثر  علائقن ۾ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪي به قدم ناهن کنيا، سنڌ حڪومت خاص طور تي زراعت کاتي آبادگارن ۽ ڪڙمين کي رڻ ۾ رولي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *