Thursday , March 28 2024

سنڌ حڪومت پاران زراعت کان ڪن لاٽار، آبادگار رُلي ويا

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت صوبي زرعي شعبي جي مسئلن کان مڪمل طور تي ڪن لاٽار جو مظاهرو ڪندي ڪمند جي آبادگارن جيان ڪڻڪ جي آبادگارن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر ناهي ڪيو ۽ نه ئي خريداري جا سينٽر کوليا ويا آهن، آبادگار واپارين ۽ آڙهتين جي رحم ڪرم تي اچي ويا آهن. زراعت کاتي جو وزير اسماعيل راهو به ان سلسسلي ۾ ڪو به موقف ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.

سنڌ ڪابينا جي زراعت جي شعبي کان ڪن لاٽار ۽ لاپرواهي جو هڪ ثابتي اها به آهي ته سنڌ ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪمند جي ايندڙ سال واري سيزن لاءِ ڪمند جو في مڻ اگهه 182 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، ڇا 6 کان 7 مهينن دوران ڪيميائي ڀاڻ، ڪمند تي بيمارين جي حملن کان بچاءِ لاءِ استعمال ٿيندڙ زرعي دوائن جا اگهه توڙي ٻي مزدوري جا اگهه پار اهي ئي ساڳيا رهندا جيڪي هن سال آهن. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪڻڪ جي هلندڙ سيزن لاءِ ڪڻڪ جي امدادي اگهه مقرر ڪرڻ توڙي خريداري لاءِ مرڪز قائم ڪرڻ جي ايجنڊا ئي شامل نه ڪئي وئي، جنهن مان ثابتي ملي ته سنڌ جي عوام جي ووٽن تي ڪاميابي ماڻي سنڌ حڪومت قائم ڪندڙ پيپلزپارٽي پنهنجي ووٽرز جي بنيادي معاشي وسيلي زراعت کان مڪمل طور تي لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *