Friday , April 19 2024

سنڌ حڪومت هڪ ڪمپني پئي هلائي:راشد محمود سومرو

نوابشاهه ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ سنڌ جي صدر راشد محمود سومرو چيو آهي ته، سنڌ حڪومت هڪ ڪمپني هلائي رهي آهي پر اها خبر نه ٿي پوي ته اها ڪمپني هلائي ڪير ٿو، جلد ان کي به ڳولهي لهنداسين. نوابشاهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته، جيڪا پارٽي ڪراچي ۾ سنڌ جي استادن ۽ آبادگارن کي ڪراچي ۾ احتجاج جو حق ڏيڻ لاءِ به ناهي، اها جمهوريت جي دعوا ڪهڙي منهن سان ڪري رهي آهي. هن چيو ته استادن ۽ آبادگارن جا مطالبا نه مڃيا ويا ته هنن سان گڏجي وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين. راشد محمودسومرو چيو ته سنڌ ۾ هڪ پرائيويٽ ڪمپني حڪومت هلائي رهي آهي پر خبر نه ٿي پوي ته ان ڪمپني کي ڪير هلائي رهيو آهي، پر اسان جلد ڪمپني هلائڻ وارن کي به بڳولهي عوام آڏو پڌرو ڪنداسين. هن چيو ته بلاول جڏهن ملتان ۾ تقرير ڪري ٿو چوي ٿو ته آباد گارن کي حق وٺي ڏيندس، پر سنڌ جي ڪمند جي آبادگارن کي حق ڏيڻ بجاءِ لٺيون هنيون ٿيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *