Saturday , April 20 2024

سنڌ حڪومت نيٺ رينجرز کي اختيار ڏئي ڇڏيا، آصف زرداري جي “ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو” واري ڌمڪي کي نولفٽ

  rangers power notification

سنڌ ڪابينا رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، رينرجز کي اختيار آرٽيڪل 147 مطابق، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997 جي سيڪشن 4 هيٺ اختيار ڏنا ويا آهن، جيڪي اختيار صرف ڪراچي ڊويزن تائين محدود هوندا. رينجرز کي مليل اختيار 16 اپريل 2017 تائين لاڳو هوندا.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي وزيرن نثار کهڙو،  منظور وساڻ، مير هزار خان بجاراڻي، سيد سردار شاهه، ڄام مهتاب ڏهر سميت ڄام خان شورو رينجرز جي اختيارن جي واڌ جي حمايت پڻ ڪئي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اجلاس دوران ڳالهائيندي رينجرز کي اختيار ڏيڻ واري فيصلي بعد ميڊيا ڳالهائيندي چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته رينجرز انتهاپسند ونگز، ڀتا خورن ۽ ٽارگيٽ آپريشن خلاف سٺو ڪم ڪيو. ڪرائي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن سان مثبت نتيجا آڏو آيا. سندس چوڻ هو ته هن وقت پوليس جي ڪارڪردگي پڻ بهتر آهي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته پوليس جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.

rangers

ان کان اڳ رينجرز جي اختيارن واري مامري بابت گهرو کاتي جي سيڪريٽري سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته رينجرز کي وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي درخواست تي آرٽيڪل 147 هيٺ لاڳو ڪيو آهي. جنهن جون هدايتون گهرو کاتي منظور ڪري ڇڏيون آهن. رينجرز 1989 کان سنڌ ۾ پنهنجي فرض نڀائي پئي. هن چيو ته رينجرز آرٽيڪل 147 هيٺ پهرين آگسٽ 2016 کان تعينات آهي جيڪا 19 جولاءِ 2017 تائين آهي. 2 فيبروري 2010 جو رينجرز کي ATA سيڪشن 4 جا اختيار ڏنا ويا هئا.

rangers 1

رينجرز جي اختيارن جو مامرو ۽ آصف زرداري جي “ ڪجهه ڏيو ، ڪجهه وٺو” کي نولفٽ

Zardari11

ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ پ پارليامينٽيرينز جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري رينجرز وارن اختيارن بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو، رينجرز جي اختيارن تي هاڻي “ڪجهه ڏيو، ڪجهه وٺو” ئي ڪرڻو پوندو. آصف اهڙو بيان ڇو ڏنو هو؟  بابت پڇيل سوال تي هڪ ايم پي اي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، “ اسان کي اسان جا ماڻهو موٽائي ڏيو” ، ٻيو وري ڇا. هاڻي ته اسان پارٽي قيادت ڇا صوبائي قيادت آڏو به ڳالهائي نه ٿا سگهون، بس ايندڙ اليڪشن ۾ ٽڪيٽ کسجي نه وڃي، ان ڀوءَ کان اندر به چپ ٻاهر به چپ آهيون.

سنڌ ڪابينا بجيٽ اسٽريٽيجي پيپر 20ـ2017 تي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي

 

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ بجيٽ اسٽريٽيجي پيپر 20ـ2017 تي پڻ ويچاريو ويو، ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ڪابينا اجلاس کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته بجٽ اسٽريٽيجي پيپر 20_2017 جي ابتدائي تياري ناڻي کاتي ۽ رٿابندي ترقياتي کاتي گڏجي ٺاهيا آهن. پيپر ۾ حڪومتي پاليسي، اوليتون، اسٽريٽجڪ ريسورسز جو ڪاٿو شامل آهن، ان کانپوءِ سنڌ ڪابينا بجيٽ اسٽريٽجي پيپر 20_2017 منظور ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي ٻڌايو ته هلندڙ سال 17_2016 ۾ سنڌ حڪومت جو ٽوٽڪل روينيو 739.3 بلين رپيا هو جنهن ۾ وفاقي ٽرانسفرز 518 بلين رپيا جڏهن ته روينيو اسائينمنٽ 425 بلين رپيا آهي ۽ سڌين منتقلين جا 63.6 بلين رپيا، ترقياتي گرانٽ 16.7 بلين رپيا، آڪٽراءِ ضلعا ٽيڪس جا 12.6 بلين رپيا شامل آهن. صوبائي رسيدون 132.8 بلين رپيا آهن، خدمتن تي سيلز ٽيڪس 61.6 بلين رپيا ۽ ٽيڪس فري روينيو 10.1 بلين رپيا آهي.

وڏي وزير سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي اين ايف سي ايوارڊ بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته اين ايف سي ايوارڊ فارمولو جن بنيادن تي ڏنو ويندو آهي انهن ۾ ، آبادي کي 82 سيڪڙو اهميت، غربت جي سطح 10.3 سيڪڙو، روينيو جنريشن 5 سيڪڙو ۽ انورز پاپوليشن ڊينسٽي کي 2.7 سيڪڙو اهميت آهي. اهڙي ريت پنجاب جو شيئر 51.74 سيڪڙو، سنڌ جو 24.55 سيڪڙو، خيبرپختون خواه جو 14.62 سيڪڙو ۽ بلوچستان جو 9.09 سيڪڙو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *