Saturday , April 20 2024

سنڌ حڪومت نه جاڳي، ارڙي وڌيڪ 5 ٻارڙن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون

ارڙي جي يمرض ۾ ورتل ٻارڙو – فائل فوٽو

خانپور/ٺل/نوشهرو/ ( رپورٽرز    سنڌ سماءَ چار)  سنڌ ۾ ارڙي روزانو ٻارڙن جون حياتيون ڳڙڪائي رهي آهي پر سنڌ حڪومت حڪومت اڃا تائين خاموش تماشو ڏسي رهي آهي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي زندگيون ڳڙڪائيندڙ ارڙي جي وبا تي ضابطو نه اچي سگھيو، مختلف شهرن ۾ اڄ به 5 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ڪيترائي ٻارڙا موذي مرض ۾ مبتلا آهن.

نوشهرو فيروز ضلعي جي ڳوٺ منگو ۾ 6 ورهين جي ڪاجل ۽ 3 ورهين جو چندر فوت ٿي ويا، ساڳئي ڳوٺ ۾ 4 ٻارڙا موذي مرض ۾ مبتلا آهن، جن ۾ 7ورهين جي ديوي، 5 ورهين جي ريشمان، 3 ورهين جو نريش ۽ 4 ورهين جو بابو رام شامل آهن. ڳوٺاڻن زاهد علي نائچ، امداد علي ۽ ٻين چيو ته صحت کاتي جي ڪابه ٽيم ناهي پهتي ۽ مرض تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي. شڪارپور جي خانپور تعلقي جي ڳوٺ ڳڙهي ايوب ۾ 5 ورهين جو آصف جھلڻ ارڙي وگھي فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ارڙي جو خطرناڪ مرض علائقي ۾ پکڙجي ويو آهي، جنهن ڪري 24 ڪلاڪن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي. ھنن چيو ته ارڙي ڪيترن ئي ٻارڙن جون زندگيون ڳڙڪائي رهي آهي، پر صحت کاتي ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو.

شادي لارج ويجھو ارڙي وگھي هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو. ڳوٺ جمعو ڀٽي ۾ 12 ورهين جو محبوب ڀٽي ارڙي وگھي فوت ٿي ويو. فوتي ٻارڙي جي وارثن موجب ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي، جنهن سبب علائقي اندر ٽن ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 2 ٿي ويو آهي، پر صحت کاتو اگھور ننڊ ستل آهي. ٻئي پاسي ٺل ويجھو ڳوٺ شيخ محمد پهوڙ ۾ 5 ورهين جي نفيسه پهوڙ ارڙي وگھي فوت ٿي وئي. ڳوٺاڻن موجب علائقي ۾ ارڙي جو مرض ڦهلجي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ٻارڙا مبتلا ٿي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته فوري طور ماهر ڊاڪٽرز جون ٽيمون موڪلي، حياتيون ڳڙڪائيندڙ موذي مرض تي ضابطي آڻڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ ورتا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *