Saturday , April 20 2024

اڄ ڪرسمس ملهايو پيو وڃي، سنڌ حڪومت مسيحي برادري جي ملازمن کي پگهار نه ڏني

ڪراچي(رپورٽر سنڌ سماءَ چار) اڄ سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏڻ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، چرچز ۽ گهرن کي سينگاريو ويو آهي، جتي خاص ت  ريبن جو سلسلو هلندڙ آهي. سنڌ حڪومت  مسيحي برادري جي سرڪاري ملازمن کي سندن عيد جي موقعي تي پگهار به ناهي ڏني.

 سڄي سنڌ جيان پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ رهندڙ مسيحي برادري به پنهنجو مذهبي ڏينهن/عيد جو ڏينهن مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي. ڪراچي، سکر، حيدر آباد، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ خيرپور سميت سڄي سنڌ جي گرجا گهرن ۽ مسيحي برادري پنهنجن گهرن کي خصوصي گلن ۽ لائيٽس سان سينگاريو آهي. گهرن ۽ گرجا گهرن ۾ خصوصي تقريبون جاري آهين، جتي دعائون گهريون پيون وڃ. امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ جي گرجا گهرن ۽ مسيحي برادري جي آبادي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

 هوڏانهن سنڌ حڪومت جي مسيحي برادري سان لاڳاپيل سرڪاري ملازمن کي پگهارون جاري ئي ناهن ڪيون ويون، جنهن سبب کين عيد/ڪرسمس ملهائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. مسيحي برادري سان لاڳاپيل سرڪاري ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ 19 هين ڊسمبر تي سنڌ سرڪار کي حڪم جاري ڪيو هو ته، مسيحي برادري جي ملازمن کي ڪرسمس جي موقعي تي ايڊوانس ۾ پگهارون جارو ڪيون وڃن پر سنڌ حڪومت، سنڌهاءِڪورٽ جي اهڙي حڪم کي به ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ مسيحي برادري سان لاڳاپيل سنڌ حڪومت جي ملازمن اعلان ڪيو آهي ته اُهي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ روڊ، رستن ۽ چونڪن تي عيد ڪرسمس ملهائيندا. ڪراچي ۾ مسيحي برادري جي سرڪاري ملازمن پاران احتجاج طور ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪرسمس ملهائي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا.

مسيحي برادري جي اڳوڻي ايم پي اي سليم خورشيد کوکر چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۾ مسيحي برادري جي سرڪاري ملازمن کي ڪرسمس جي موقعي تي پگهارون جاري نه ڪرڻ انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته، سنڌ حڪومت جي اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي وڏي وزير کان پڇاڻو ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *