Thursday , April 25 2024

سنڌ حڪومت مختلف کاتن جي 110 آفيسرن کي 19 هين گريڊ ۾ ترقي ملي وئي

ڪرچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سليڪشن بورڊ ون جي سفارش تي سنڌ حڪومت جي مختلف کاتان ۾ ڪم ڪندڙ 18هين گريڊ جي آفيسرز کي 19هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي، ترقيون ماڻيندڙن ۾ زراعت کاتي جا آفيسر سڀني کان وڌيڪ شامل، ترقين جو نوٽيفڪشن به جاري. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي سليڪشن بورڊ جي سفارشن جي منظوري ڏيندي 110 آفيسرز کي 19 گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير جي منظور بعد چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف سيڪريٽري پاران آفيسرز جي ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کانپوءِ لاڳاپيل کاتن/اختيارين ڌار ڌار نوٽيفڪيشنز جاري ڪيا آحن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 18هين مان 19هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ۾ ، شيرين ناز، محمد عثمان شر، عبداللطيف جويو، گلشن لال اوڏ، شفيق ميمڻ، داد محمد بلوچ، محمد حنيف اڄڻ، غلام سرور اُتيرو، سيد فرخ همايون زيدي، سيد اطهر علي شاهه، شوڪت علي مهيسر، گل حسن ساندفدا حسين انصاري، عبدالجبار ميمڻ، سهيل احمد قريشي، محمد قاسم ميمڻ، لياقت علي ڀٽو، محمد يوسف راهمون، غلام مصطفيٰ جمالي، علي نواز ڪلهوڙو، مبين احمد شيخ، محمد ادريس رند، لکي بوزدار، خليل الرحمان، لال ڏنو جوڻيجو، عبد احمد کهاوڙ، محمد عثمان کيل، عبدالقادر نهڙيو، محمد ايوب سولنگي، محمد نسيم ميمڻ، محمد حسن جوڻيجو، علي حسن جوڻيجو کي 19 هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي.

عبدالوهاب سومرو، نياز محمد کوسو، هادي بخش بڙدي، عبدالستار گهمرو، شرف الدين سومرو، چيتن مل، ديدار علي ڏهراج، محمد جميل آرائين، محمد ڇٽل لغاري، ساجد الله وستڙو، سعيد احمد محمدي، خالد اقبال راجپوت، رسول بخش بلوچ، روبينه تبسم، امداد علي سوهو، ساجن خان اڄڻ، رشيد احمد احمداڻي، منير احمد جماڻي، عبدالقادر مهر، غلام حسين شيخ، علي نواز چنڙ، اختيار علي چانڊيو، رسول بخش جوڻيجو، ممتاز حسين جنڊاڻ، معشوق لغاري، غلام قادر شر، پير بخش راهمون، امام بخش ڪلهوڙو، رسول بخش خاصخيلي، عبدالرشيد چانڊيو، غلام مرتضيٰ ڪاڪه، سترام داس، رياض احمد ٽالپر، عارف احمد قاضي کي به 18 مان 19هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي. ميانداد ڪليري، غلام فاروق وسطڙو، محمد اڪبر زرداري، محمد اڪبر ملڪ، علي حسن سومرو، ارشاد علي رستماڻي، سليم سهاڳ، امداد بخش خاصخيلي، شاهنوار ڀنڊ، رياض احمد سومرو، محمد ايوب سولنگي، محمد رمضان چنه، عبدالقادر دايو، عرس ڪلهوڙو، امتياز ڀٽو، روشن علي ميمڻ، محمد سفر راهو، محمد رفيق راهو، ضمير سرهيو، خدا بخش ڪلوڙ، عبدالحميد بلوچ، اسلام الدين راجپوت، غلام قمبر سولنگي، جاويد اقبال رائو، مجيد وسطڙو، نور نبي، منظور احمد لغاري، ساجد غفور قاضي، ضياءَ پٺاڻ، سرتاج تنيو، ممتاز جوڳي، سيد جاويد اقبال، عبدالفتح تنيو، ٽيڪم داس، گل محمد ميمڻ، غلام رسول شاهه ۽ گلڻ خان خاصخيلي، عبدالحق ساريو، صلاح الدين راشدي شامل آهن.

نوٽيفڪيشن موجب ته سليڪشن بورڊ جي سفارش تي وڏي وزير جي منظوري سان پوليس کاتي جي ڊي ايس پي فرح امبرين کي 17هين گريڊ مان ترقي ڏئي کيس ايس پي جي رينڪ لاءِ 18هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *