Saturday , April 20 2024

سنڌ حڪومت لکين پورهيتن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر     سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت لکين پورهيتن کي بيروزگار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪاري ڇڏيو آهي، ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ ۾ هلندڙ 6 -9 ۽ 12 سيٽر چنگچي رڪشائن هلائڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آحي، ٽرانسپورٽ کاتي ٽريفڪ پوليس کي به خط لکي هدايت ڪئي آهي ته اهڙن سمورن رڪشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٽرانسپورٽ کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ميرپور خاص سميت سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ هلندڙ  6 -9 ۽ 12 سيٽر رڪشا / چنگچي رڪشا غيرقانوني طريقي سان هلي رهيا آهن، انهن کي بند ڪيو وڃي.ٽرانسپورٽ کاتي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس کي به هڪ خط لکي هدايت ڪئي آهي ته غيرقانونين طور هلندڙ  6 -9 ۽ 12 سيٽر رڪشائن / چنگچي رڪشا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌ حڪومت جي اهڙي حڪم سان سڄي سنڌ ۾ هڪ اندازي مطابق هڪ لک کان وڌيڪ اهڙا رڪشا هلندڙ آهن، جن سان عوام کي سستي، تڪڙي ۽ آسان سفر جي سهولت ميسر آهي.

سينيٽ اليڪشن، ”شو آف هينڊ ووٽ“، آصف زرداري ۽ جهانگير ترين جو ڳٺجوڙ

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *