Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت شهرين کان صفائي جو به ٽيڪس اوڳاڙيندي

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار ) سنڌ حڪومت پاران صفائي سٿرائي ڪرڻ تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ساليانو پنج ارب رپيا اوڳاڙيا ويندا. سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته هر گهر کان صفائي جو 300 رپين تائين ٽيڪس اوڳاڙيو وڃي. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، جن به شهرن ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ڪم ڪري رهي آهي انهن شهرن جي رهواسين کان صفائي ڪرڻ جي مَد ۾ ٽيڪس اوڳاڙيو وڃي، جيڪو هڪ سئو کان رپين کان 300 رپين تائين هوندو. سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي ترجمان ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته، اهڙو فيصلو سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي گڏجاڻين ۾ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي صوبائي وزير ناصر شاهه ان بابت بريفنگ به ورتي.

بريفنگ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته صفائي تي ٽيڪس اوڳاڙڻ لاءِ سوئي سائودرن گئس ڪمپني ( ايس ايس جي سي) کان مدد ورتي وڃي، جنهن لاءِ ايس ايس جي سي جي اختيارين کي خط لکي صفائي وارو ٽيڪس گئس بلن ذريعي اوڳاڙڻ واري منصوبي تي غور ڪيو وڃي. مڪاني ادارن جي هڪ آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته اهو فيصلو پيپلزپارٽي جي هڪ اهم شخصيت جي تجويز تي ڪيو ويو آهي، مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين پهريان ان منصوبي جي مخالفت ڪئي وئي پر بعد فيصلو قبول ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته صفائي تي ٽيڪس اوڳاڙي وارو معاملو سنڌ حڪومت لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *