Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت روهڙي سيمينٽ فئڪٽري جي 1100 ايڪڙ زمين پنهنجي قبضي ۾ وٺي:سنڌهاءِڪورٽ

روهڙي سيمينٽ فئڪٽري کي ڏنل زمين جي ليز ۾ هيراڦيري؟؟

سکر(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته، روهڙي سيمينٽ فئڪٽري جي يارنهن سئو ايڪڙ زمين پنهنجي تحويل ۾ وٺي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ روهڙي سيمينٽ فئڪٽري کي ليز تي ڏنل 1100 سئو ايڪڙ سرڪاري زمين ليز تي ڏيڻ واري معاملي بابت هڪ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس رشيد احمد سومرو ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته، اسسٽنٽ ڪمشنر مشتاق، روهڙي سيمينٽ فئڪٽري جي وڪيل سميت لاڳاپيل اختيارين جا عملدار عدالت آڏو پيش ٿيا. ڪيس جي ٻڌڻي دوران انتظاميا جي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته، ليز تي ڏنل زمين ۾ قانون ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪئي وئي.ان موقعي تي روهڙي سيمينٽ فئڪٽري جي وڪيل پاران عدالت کي دليل ڏيڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏيڻ جي درخواست ڪئي. جنهن تي عدالت سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته، درخواست تي فيصلو اچڻ تائين روهڙي سيمينٽ فئڪٽري پاران ليز تي ورتل زمين پنهنجي قبضي ۾ وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت اهڙو حڪم  ڏيندي معاملي جي ٻڌڻي 20 هين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *