Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت جا حڪم پاڻيءَ ڦوٽا! سنڌ جون اڪثر شگر ملز اڃا چالو ناهن ڪيون ويون

سنڌ ۾ پهرين آڪٽوبر کان ڪمند جي سيزن شروع ٿيڻ باوجود اڌ کان وڌيڪ شگر ملز ته اڃان چمنيون ئي ناهن ٻاريون. جڏهن ته  گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رڳو 6 شگرملز پيڙائي شروع ڪئي آهي. آبادگارن جي احتجاجن باوجود هن وقت تائين رڳو گهوٽڪي جي 5 ۽ لاڙڪاڻي جي هڪ شگر ملز پيڙائي شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ الائنس شگر ملز، غلام محمد مهر شگر ملز، گلف شگر ملز، جي ڊبليو ٿري، جي ڊبليو فور ۽ رتو ديرو شگر ملز شامل آهن.

ميرپورخاص ضلعي جي 4 ئي شگر ملز هفتي کان چمنيون ٻارڻ باوجود ايڊنٽ جاري نه ڪياآهن. نوابشاهه ضلعي جي 4 شگر ملز چمنيون ته ٻاري ڇڏيون، پر ڪمند جي پيڙائي لاءِ ڪا به تياري نه ڪئي آهي. ٽنڊي محمد خان جون چار ۽ سجاول جون 3 شگر ملز اڃان تائين بند پيل آهن. بدين ضلعي جي 5 مان 4 شگر ملز بوائلرز کي باهه ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان سان گڏ ڪمند جي خريداري لاءِ ايڊنٽ پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. سجاول جي 3 ٺٽي جي هڪ، خيرپور جي 2 ، دادو جي هڪ به شگر ملز پيڙائي شروع نه ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *