Friday , April 26 2024

سنڌ جي 8 ميمبرن تي ٻڌل نگران ڪابينا پاران اڄ قسم کڻڻ جو امڪان!

   سنڌ جو نگران وڏو وزير فضل الرحمان

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي نگران ڪابينا جي قيام وارو عمل رولڙي جي شڪار ٿيڻ بعد نيٺ خصوصي صلاح مشورن بعد مڪمل ٿي ويو آهي، مختصر نگران ڪابينا ۾ شامل 8 وزير ۽ صلاحڪار اڄ جمعي ڏينهن ڪنهن به وقت قسم کڻي سگهن ٿا. سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان نگران ڪابينا جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن  مطابق نگران ڪابينا 8 وزيرن تي ٻڌل هوندي، جڏهن ته حلف برداري سڀاڻي گورنر هائوس ۾ ٿيندي. نگران وزيرن ۾ڊاڪٽر جنيد شاهه، ڪرنل رٽائرڊ دوست محمد چانڊيو،سعديه رضوي، سائمن جان ڊينيئل ۽ مشتاق شاهه  جا نالا شامل آهن. خيرمحمد جوڻيجو،رحيم بخش بوزدار ۽ جميل يوسفي  جا نالا به نگران ڪابينا ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *