Tuesday , March 19 2024

سنڌ جي ڪاليجز ۾ 12 سئو ليڪچرار مقرر ڪرڻ وارو مرحلو رڪجي ويو

سکر ( رپورٽ   سنڌ سماچار) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سنڌ جي ڪاليجن ۾ 12 سئو نوان ليڪچرار مقرر ڪرڻ وارو مرحلو في الحال رڪجي ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ليڪرارن جي ڀرتين وارو عمل روڪيندي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪاليجز ۾ خالي پيل 12 سئو جاين تي ليڪچرار ڀرتين بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي گذارش تي عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي سنڌ جي سائنس ۽ آرٽس ڪاليجن ۾ ليڪچرارن جي ڀرتين وارو عمل في الحال روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن ليڪچرارن جون ڀرتيون قائدن ۽ ضابطن جي ابتڙ ڪرائي رهيو آهي، جنهن لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران امتحان به ورتا ويا آهن، ليڪچرارن جون ٿيندڙ ڀرتيون ضابطن خلاف آهن انڪري انهن کي روڪيو وڃي. عدالت سيڪريٽري ڪاليجز کان سائنس ۽ آرٽس ڪاليجن ۾ ليڪچرارن جون سبجيڪٽ جي ابتڙ مقرري بابت  خلاف جواب طلب ڪندي درخواست تي فيصلي تائين ڀرتيون روڪڻ جو به حڪم ڏنو. عدالت درخواززت تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته سائنس ڪاليج ۾ آرٽس جو ليڪچرر ۽ آرٽس ڪاليجن ۾ سائنس جو ليڪچرار مقرر نه ڪيو وڃي، عدالت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *