Thursday , April 18 2024

سنڌ جي پهرين ڊيفيڪٽو سي ايم گرفتار،اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) گذريل 11 سالن کان سنڌ جي پهرين ڊيفيڪٽو چيف منسٽر رهندڙ ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي نيب راولپنڊي گرفتار ڪري ورتو آهي، فريال ٽالپر کي اڄ احتساب عدالت اسلام آباد ۾ پيش ڪيو ويندو، نيب ترجمان چيو آهي ته فريال ٽالپر جي عزت نفس جو اڳ به خيال رکيو ويو هو ۽ هاڻي به سندس خيال رکندي کيس سندس گهر کي سب جيل قرار ڏئي اُتي ئي رکيو ويو آهي.

سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب خميس ۽ جمعي (13 ۽ 14 جون ) جي وچ واري رات لڳ ڀڳ پوڻين ٻي وڳي نيب راولپنڊي جي هڪ ٽيم اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀبيڻ ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر کي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.

نيب فريال ٽالپر جي گرفتاري جمعي ڏينهن شام جو 4 وڳي ظاهر ڪئي. نيب جي ٽيم اسلام آباد جي ايف – 8 واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ ۽ پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر کي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. نيب اختيارين طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد جي ايف – 8 واري علائقي ۾ زرداري هائوس کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي.نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته فريال ٽالپر کي سب جيل قرار ڏنل زرداري هائوس ۾ رکيو ويندو. نيب پڌرائي جاري ڪندي چيو ته فريال ٽالپر ايندڙ حڪم تائين پنهنجي گهر ۾ قيد هوندي. سندس عزت نفس جو پهريان به خيال رکيو ويو آهي ۽ اڳتي به مڪمل خيال رکيو ويندو. نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته ايم پي اي فريال ٽالپر کي جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب طرفان فريال ٽالپر کي سڀاڻي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال گذريل ڏينهن مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فريال ٽالپر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *