Friday , April 19 2024

سنڌ جي ٻيٽن تي ويندڙ ڌرتي ڌڻين تي سيڪيورٽي اهلڪارن هٿيار تاڻي ورتا

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ڏنگي ۽ بُنڊار ٻيٽن تي قبضي خلاف ڌرتي ڌڻين جي ٻيڙين تي ٻيٽن ڏانهن ويندڙ احتجاجي ريلي تي سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن هٿيار تاڻي ورتا، ٻيٽن ڏانهن وڃڻ نه ڏنو. فشر فوڪ فورم جي سڏ تي سنڌ جي بُنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي صدارتي آرڊيننس ذريعي قبضي ڪرڻ ۽ نوان شهر اڏڻ واري فيصلي خلاف سوين ٻيڙين تي احتجاجي ريلي کي بنڊار ٻيٽ طرف وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن ٻيڙين جي ريلي کي بنڊار ٻيٽ تي وڃڻ کان روڪيو ته فشر فوڪ فورم جي ريلي جنهن ۾ سمورين قومپرستن پارٽين، صحافين، سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ عام شهرين جو وڏو انگ شامل هو، ريلي ڏنگي ٻيٽ تي پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، فشر فوڪ فورم جي چيئرمين سيد محمد علي شاهه چيو آهي ته اهلڪارن جلسو ڪرڻ نه ڏنو، انڪري احتجاجي ريلي واپس ابراهيم حيدري پهچندي جتي احتجاجي جلسو ڪيو ويندو. ريلي ۾ شريڪ الاهي بخش بڪڪ، محمد خان شيخ، مجاهد شاهه، نصرالله جمالي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته، وفاقي حڪومت سنڌ جي صدين کان ملڪيت رهندڙ بنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي ڌرتي ڌڻين کي وڃڻ نه پيو ڏنو وڃي، وفاقي حڪومت ٻيٽن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان اهو به ثابت ٿئي ٿو سنڌ حڪومت به بيوس بڻيل آهي، سنڌ جي ماڻهن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ٻيٽن تان قبضو ختم ڪري، صدارتي آرڊيننس واپس ورتو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *