Tuesday , April 16 2024

“سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو نامنظور”، ڪراچي سنڌياڻين جي نعرن ”سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو نامنظور“، ڪراچي سنڌياڻين جي نعرن سان گونجي ويوسان گونجي ويو

عورتن جو وڏو انگ به ريلي ۾ شريڪ، اڪثر عورتون پنهنجن معصوم ٻارڙن کي هنج ۾ کڻي ريلي ۾ پهتيون

ڪراچي (چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران آمراڻي حڪ صدارت آرڊيننس ذريعي ڦٻايل سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن خلاف ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جي شاندار ريلي، شهر “ ٻيٽن تي قبضو نامنظور، هي ٻيٽ ڪنهن جا- سنڌين جا” جي نعرن سان گونجي اٿيو، عوامي تحريڪ پاران ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين پنجن منٽ جو پنڌ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت ۾ طئي ڪيو، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ٻيٽن تي قبضُ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو. عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار ۽ ڪوسٽل اٿارٽي جوڙڻ خلاف حورالنساءَ پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ڪراچي جي ريگل چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا سنگر چوڪ، زيب النساءَ اسٽريٽ، ايٽوريم مال ۽ ڦوهارا چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي ريلي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي.

پريس ڪلب آڏو جلسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حورالنساءَ پليجو چيو ته، سنڌ جا سمورا سامونڊي ٻيٽ صدين کان سنڌ جي ملڪيت رهيا آهن، پاڪستان جي آئين ۽ قانون مطابق به اهي صوبائي ملڪيتن ۾ شامل ٿين ٿا، هن چيو ته وفاقي حڪومت ڏاڍ جي ذريعي پارليامينٽ کي باءِ پاس ڪندي آرڊيننس جاري ڪيو ۽ آمراڻي حڪم ذريعي اٿارٽي قائم ڪري ٻيٽن تي قبضو ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي  ڌرتي ماءُ جي حفاظت ڪندو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊگهي عرصي کان سنڌ جي وسيلن تي قبضن جي سازش جاري آهي، سنڌ حڪومت اُن سازش جو حصو بڻجي غيرآئيني طور جاري ٿيل آرڊيننس تي خاموشي اختيار ڪري ورتي، ڪوسٽل اٿارٽي آرڊيننس جي واپسي تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو ويو.

صدارتي آرڊيننس تحت سنڌ جو بُنڊار ۽  ڏنگي سامونڊي ٻيٽ وفاق جي ملڪيت ٿي ويا

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *