Wednesday , April 24 2024

سنڌ جي وڪيلن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف پٽيشن خلاف احتجاجي تحريڪ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽر     سنڌسماءَچار)  سنڌ جي وڪيلن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف عدالتي ڪارروائي جي مخالفت ڪندي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته وڪيل ڪنهن جا به سپاهي ناهن، هو رڳو آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪم ڪندا رهندا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪارروائي ڪرڻي آهي ته جڊيشل ڪميشن ذريعي ڪئي وڃي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڪيل اڳواڻ نور ناز آغا، شرف الدين جمالي، عامر وڙائچ، محمود الحسن ۽ ٻين چيو ته وڪيل ڪنهن جا به سپاهي ناهن، هو رڳو آئين ۽ قانون جا سپاهي آهن.

سينيئر وڪيل نور ناز آغا چيو ته ارڙهين ترميم سان پهريون ڀيرو صوبن کي حق مليا پر هاڻ اُن خلاف آواز اچي رهيا آهن، وڪيل هر حال ۾ 18 هين ترميم جو تحفظ ڪندا. ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر شرف الدين جمالي چيو ته ايئن لڳي ٿو ته عدليه کي ڪٿان اشارا ملي رهيا آهن، سدائين قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي، آمريت کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. جسٽس قاضي  فائز عيسيٰ آزاد خيالن جو اظهار ڪيو ته سندس خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. ڪراچي بار جي جوائنٽ سيڪريٽري عامر وڙائچ چيو ته لڳي ٿو ته ماڊرن مارشل لا آهي، جنهن جو مقصد عدليه کي ورهائڻ آهي. هن چيو ته قاضي فائز عيسيٰ خلاف درخواست مذاق آهي، اهڙو عمل نه ٿيڻ گهرجي ان سان عدليه تي اثر پوندا.

عامر وڙائچ چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ ججز لاءِ آئوٽ آف ٽرن پروموشن لاڳو ڪيو پيو وڃِي، ڇوٿين نمبر واري جج کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي روايت نه وڌي وڃي. ڪراچي بار جي اڳوڻي صدر محمود الحسن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ شيخ رشِيد واري ڪيس ۾ ڪجهه ريمارڪس ڏنا، جنهن بعد سندس خلاف پراڻي درخواست تان چئمبر ۾ اعتراض ختم ڪيا ويا ۽ ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو. هن چيو ته شڪ شبها وڌي رهيا آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪجهه ڪرڻو آهي ته ڪارروائي جڊيشل ڪميشن ۾ ڪئي وڃي، جيڪا راند کيڏي پئي وڃي، اُن خلاف جدوجهد جي شروعات ڪئي ويندي. محمود الحسن چيو ته هڪ لک چاليهه هزار وڪيل ڪنهن جا سپاهي ناهن، اهي تحريڪ به هلائي سگهن ٿا، هن سوال ڪيو ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. صلاح الدين گنڊاپور چيو ته سندس خدشا ختم نه ٿيا ته 21 اپريل تي وڪيلن جو ڪنوينشن گهرايو ويندو، جنهن ۾ ڇا ٿيندو، ان جي سڀني کي خبر آهي.

لاڳاپيل اصل خبر

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه؟؟

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *